136

اتر وزيرستان ۾ ڳجهي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 3 دهشتگرد مارجي ويا

ميران شاهه (ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ ڳجهي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز آپريشن ڪندي  3 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو آهي. آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان مطابق اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع ملڻ تي دهشتگردن جي شڪي ٺڪاڻن تي آپريشن ڪيو. آءِ ايس پي آر مطابق آپريشن ۾ عليم خان گروپ جي ٽن دهشتگردن کي ماريو ويو، جيڪي سيڪيورٽي فورسز تي حملي، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڀنگ لاءِ اغوا وارن ڪيسن ۾ ملوث هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو