خوشاب (ويب ڊيسڪ) ميانوالي ڀرسان وين ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ عورت سوڌو 7 ڄڻا فوت ۽ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. رپورٽن مطابق ميانوالي ڀرسان خوشاب روڊ تي تيز رفتار ٽرڪ ۽ وين ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري آمهون سامهون ٽڪرائجي وئي، حادثي سبب وڏو ڌماڪو ٿيو، جنهن سبب ڀرپاسي جا ماڻهو گڏ ٿي ويا، جن پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي گاڏين مان ٻاهر ڪڍيو. اطلاع تي امدادي ٽيمن پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو. پوليس مطابق فوتين ۾ هڪ عورت ۽ 6 مرد شامل آهن، جڏهن ته زخمي ٿيندڙ 10 ڄڻن جو اسپتال ۾ علاج هلندڙ آهي.
127