175

حليم عادل شيخ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش، ٽن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ کي ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. پوليس حليم عادل شيخ ۽ ٻين جوابدارن کي بڪتربند گاڏي ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت پيش ڪيو، جنهن دوران سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا. عدالت ۾ ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر حليم عادل شيخ ۽ ٻين جوابدارن جي جسماني رمانڊ جي اپيل ڪئي. سرڪاري وڪيل عدالت کان 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي اپيل ڪئي، جنهن جي حليم عادل شيخ جي وڪيل مخالفت ڪندي چيو ته ڪيس نٿو ٺهي ان ڪري رمانڊ واري درخواست رد ڪئي وڃي. جڏهن ته عدالت پوليس جي اپيل منظور ڪندي مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ، غلام مصطفيٰ، عبدالحسيب، محمود ۽ رمضان جو ٽن ڏينهن وارو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو. عدالت پوليس کي حڪم ڏنو ته جوابدارن کي جمعي ڏهاڙي ٻيهر پيش ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو