رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي هڪ عدالت هريلو ملازمه کي قتل ڪندڙ عورت کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. سعودي سڌ سماءَ جي ذريعن موجب سعودي عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي بنگالديش سان تعلق رکندڙ گهريلو ملازمه ابيرون بيگم کي مارچ 2019 ۾ قتل ڪندڙ سعودي عورت عائشه الجزاني کي موت جي سزا جو حڪم ٻڌايو. بنگلاديش جي اختيارين جو چوڻ آهي ته ابيرون بيگم بهتر اجرت جي ڳولا ۾ پنهنجي قتل جي واقعي کان ٻه سال پهرين سعودي عرب وئي هئي. واضح رهي ته 1991ع کان هيستائين 3 لک بنگلاديشي عورت ورڪرز بهتر روزگار جي ڳولا ۾ سعودي عرب وڃي چڪيون آهن.
167