231

آمريڪا ۾ برفباري سبب زندگي جو نظام درهم برهم، 23 ڄڻا فوت

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي ڪيترن ئي رياستن ۾ برفباري سبب زندگي جو  نظام بري طرح متاثر ٿيو آهي. آمريڪي سڌ سماءَ جي ذريعن مطابق آمريڪا ۾ برفباري سبب 23 ڄڻا مارجي ويا ۽ 50 لک کان وڌيڪ ماڻهو بجلي کان محروم ٿيا آهن. آمريڪا جي مختلف رياستن ۾ ڏيڍ ڪروڙ ماڻهن کي برفباري سبب مشڪلاتون درپيش آهن. موسميات کاتي مطابق 73 سيڪڙو آمريڪا هن وقت برف سان ڍڪجي ويو آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ برفباري سان پائپ لائينون ڄمڻ سبب قدرتي گئس جي فراهمي به متاثر ٿي رهي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو