غزه (ويب ڊيسڪ) فلسطين جي صحت بابت عورت وزير مئي الڪيله جو چوڻ آهي ته اسرائيل ڪورونا وائرس خلاف استعمال ٿيندڙ ويڪسين جي غزه جي پٽي ۾ داخلي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. هن ان فيصلي کي شرمناڪ قرار ڏنو. هڪ بيان ۾ هن چيو ته اسرائيلي اختيارين فلسطيني صحت واري وزارت کي غزه جي پٽي ۾ ڪورونا ويڪسين جون 2000 خوراڪون داخل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. روسي سپتنڪ وي ويڪسين هنگامي شعبن ۽ انتهائي نگهداشت يونٽن ۾ ڪم ڪندڙ طبي عملي کي فراهم ٿيڻي هئي. فلسطيني عورت وزير سمورن بين الاقوامي قانونن ۽ معاهدن جي ابتڙ ان قدم جي سموري ذميواري اسرائيل تي وڌي آهي. اسرائيلي اختيارين پرڏيهي خابرو اداري کي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته فلسطيني اختيارين فلسطيني اختيارين ويڪسين جون 1000 خوراڪون غزه جي پٽي منتقل ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي پر اها درخواست غور هيٺ آهي ۽ سياسي قيادت طرفان منظوري جو انتظار ڪيو پيو وڃي.
243