255

ائٽمي معاهدي جي بحالي لاءِ ايران سان سفارتي رستو کليل آهي:آمريڪا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي پرڏيهي وزير اتنوني بلنڪن چيو آهي ته ايران سان سفارتي رستو ائٽمي معاهدي جي بحالي لاءِ کليل آهي. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته ايران کي پهرين قدم جي طور تي معاهدي تي عمل ڪرڻو پوندو، صدر جوبائيڊن واضح ڪيو آهي ته جيڪڏهن هو ائين ڪري ٿو ته اسان به ائين ئي ڪنداسين، سفارتڪاري جو رستو هاڻي به کليل آهي. هن چيو ته ايران اڃا به ان معاهدي تي عمل نه ڪري رهيو آهي اسان کي ڏسڻو پوندو ته هو ڇا ٿو ڪري. اتنوني، جوبائيڊن جي ان بيان جي تائيد ڪئي ته ايران خطرناڪ هٿيار ن جو مواد تيار ڪرڻ جي صلاحيت وڌائڻ جي ويجهو آهي. هن چيو ته مون کي ائين لڳي ته اسان کي ايران کي ائٽمي معاهدي ۾ واپس آڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، ايران هاڻي به ان معاهدي ۾ واپس وڃڻ لاءِ تيار آهي، ان سان ان جي معيشت تي ڪجهه پابندين ۾ گهٽتائي ايندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو