ليکڪ: حاڪم چانڊيو
گهوڙي جي رفتار سان تيز ڊوڙندڙ وقت ازل کان انسانن کي پنهنجن پيارن جا وڇوڙا ڏيندو رهندو آهي، پوءِ چاهي اهي عزيز، رشتيدار، دوست، اڪابر، اديب، دانشور ،فنڪار، شاعر، آرٽسٽ، سياستدان، قانوندان، سخي مڙس هجن يا کڻي ظالم ۽ جابر هجن، سڀ ماضي ۽ تاريخ جو حصو بڻجي ويندا آهن. انهن ۾ ڪي سٺن لفظن ۾ ته ڪي وري پنهنجي پوکيل پوک مثل ياد ڪيا ويندا آهن. سنڌين لاءِ 2020ع جو سال به ڪيترين ئي شخصيتن جي وڇوڙي جو سال رهيو، جنهن ۾ صرف عملي ۽ ادبي کيتر ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا، پروفيسر قلندر شاهه لڪياري، عبدالقادر جوڻيجو، مخدوم هدايت پريم آخوند، محمد يوسف شيخ، سيد ارشاد علي شاهه، پارس حميد سميت ٻيا ناليوارا اديب شامل آهن، پر انهن مان ٽن اهم شخصيتن جو تعلق سنڌي ادبي بورڊ سان به هو جيڪي سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورننس جا ميمبر به هئا جن ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا، عبدالقادر جوڻيجو ۽ سيد ارشاد علي شاهه شامل هئا جن کي مڃتا ڏيڻ لاءِ سنڌي ادبي بورڊ طرفان سندن ياد ۾ ميڙاڪو ڪوٺايو ويو. سنڌي ادبي بورڊ جي مخدوم طالب الموليٰ آڊيٽوريم ۾ ڪوٺايل ميڙاڪي جي صدارت سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان عاطف ڪئي جڏهن ته ناليواري ليکڪ، اديب مدد علي سنڌي، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر محمود مغل، بيورو آف ڪريڪيوليم جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ادريس جتوئي، نياز پنهور، سرفراز راڄڙ، سيد ارشاد علي شاهه جي فرزند سيد شهزاد علي شاهه، عبدالقادر جوڻيجو جي فرزند نصير جوڻيجو، ڊاڪٽر غلام علي الانا جي ناٺي ڊاڪٽر عبدالرحيم ۽ ٻين مهمان خاص طور شرڪت ڪئي. ميڙاڪي ۾ شريڪ ماڻهن کي مقررن خطاب ڪندي ۽ پنهنجا لکيل مقالا پيش ڪندي ڊاڪٽر غلام علي الانا، عبدالقادر جوڻيجو ۽ سيد ارشاد علي شاهه کي سنڌي ادب ۽ ٻولي جا خدمتگار ۽ اثاثو قرار ڏيندي کين لفظن جي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي صدارتي خطاب ڪندي مخدوم سعيد الزمان عاطف چيو ته اڄوڪو ميڙاڪو ان ڪري ڪوٺايو ويو آهي ته پنهنجي وڇڙي ويل ساٿين ۽ پنهنجي محسنن کي ياد ڪري سگهجي ۽ پنهنجي نوجوان نسل جي موجودگي ۾ سندن شخصيتن تي روشني وجهي کين ڀيٽا پيش ڪجي ته جيئن اسان جا نوجوان ۽ قلمڪار انهن کي پنهنجو رهنما بڻائي اڳتي وڌن. هن چيو ته سنڌي ادبي بورڊ اسان جو قومي ادارو هجڻ ڪري اسان وٽ امانت آهي ان جي جيتري خدمت ڪري سگهيس ڪندو رهندس. هن پنهنجي ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪندي چيو ته بورڊ جو ڪم ڪتاب ۽ مسودن کي ڇاپڻ آهي جن ۾ تاريخ سمايل آهي ان ڪم لاءِ ملندڙ بجيٽ مان 80 سيڪڙو پگهار ۽ باقي رقم مان ڪتاب ۽ ٻيا خرچ پورا ڪيون ٿا مٿان وري بار بار ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي جنهن سبب اسان کي رڳو پگهارن تائين محدود ڪيو ويو آهي جيڪو ملازمن جو بنيادي حق به آهي. بورڊ جو بنيادي ڪم ڪتابن ڇپائڻ آهي اهو متاثر ٿي رهيو آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته پنهنجي پريس مان ڇپايون، وڏي پريس جي ضرورت آهي، 110 ڪتاب شايع ڪيا ويا آهن 30 کان وڌيڪ ڪتاب ڇپائي هيٺ آهن. ٽي رسالا به وقت سر شايع ڪري رهيا آهيون. اسان جي اها به ڪوشش آهي ته عالمي ادب کي ترجمو ڪرايو وڃي، ان ڪري اسان جي سنڌ حڪومت کان گُهر آهي ته ڪتابن ۽ مسودن جي ڇپائي، نئين لائبريري جي قيام، رهائشي ڪالوني جي ڪوارٽرن جي مرمت واسطي مالي مدد لاءِ اسپيشل گرانٽ جاري ڪري. چيئرمين سنڌ جي اديبن کي اپيل ڪئي ته هو بنا ڪنهن مت ڀيد جي سنڌي ادبي بورڊ جي بهتري لاءِ تجويزون پيش ڪن. هن اعلان ڪيو ته تمام جلد سنڌ جي تاريخ، ماڳ ۽ شخصيتن تي الڳ الڳ ڪتاب انگريزيءَ ٻوليءَ ۾ شايع ڪيا ويندا. هن چيو ته انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ جي سهڪار سان 15 ڪتابن تي ڪم هلندڙ آهي، جن مان ڪجهه ڇپجي چڪا آهن. مدد علي سنڌي پنهنجا ويچار ونڊيندي چيو ته سنڌي ادبي بورڊ جي انتظاميا شابس جي حقدار آهي جنهن پنهنجي محسن شخصيتن کي سُتت ئي ياد ڪيو آهي، هن سيد ارشاد علي شاهه جي شخصيت ۽ ان جي شاگردي واري دور بابت ڳالهائيندي چيو ته سيد ارشاد علي شاهه منهنجو دوست ۽ جدوجهد جو ساٿي هو، هي شروع ۾ قومي ڪارڪنن رهيو کيس شروع کان سنڌي قوميت واري سُتي پيتل هئي، ان سُتي رنگ ڏيکاريو ۽ پوري زندگي سيد ارشاد علي شاهه سنڌي ادب، ٻولي ۽ سنڌي قوم لاءِ ڪم ڪندي گذاري. ڊاڪٽر محمود مغل عبدالقادر جوڻيجو جي شخصيت تي ڳالهائيندي چيو ته عبدالقادر جوڻيجو يگانو ليکڪ ۽ اعليٰ شخصيت جو مالڪ هو، هن مون سوڌو سنڌ جي نوجوانن کي اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪيا، سندس علمي ادبي خدمتون ۽ سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ ڪيل قلمي پورهيو وسارڻ جهڙو ناهي پاڻ ڪهاڻيون، مختصر ڪهاڻيون، ڊراما لکي سنڌي سماج جي بنيادي مسئلن جي اپٽار ڪئي سندس ٽي وي ۽ ريڊيو ڊراما مشهور رهيا جنهن تي کيس صدارتي ايوارڊ سوڌو ڪيترائي ايوارڊ مليا. ناليواري شاعر، ليکڪ ۽ صحافي نياز پنهور ڳالهائيندي چيو ته اڄ خوشي جي ڳالهه آهي جو سنڌ جي اهم قومي ادبي ادارن جا سربراهه موجود آهن جيڪي هڪ ٻئي سان هڪ مقصد لاءِ سلهاڙيل آهن، انهن کي اڃا وڌيڪ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن سيد ارشاد علي شاهه تي پنهنجو لکيل مقالو پيش ڪندي چيو ته فلڪيات جو ماهر هو. هن مختلف ادارن جي بورڊ آف گورننس جي ميمبر طور توڙي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي سربراهه طور بردباري سان ميرٽ کي اهميت ڏني سنڌ جي نوجوانن جي محنت کي ضايع ٿيڻ نه ڏنو. ادريس جتوئي ڳالهائيندي چيو ته ڊاڪٽر غلام علي الانا جا سنڌي ٻولي، لغت ۽ لسانيات ۾ جيڪو ڪم ڪيو اهو نه وسارڻ جهڙو آهي، ڊاڪٽر جي سڃاڻپ لسانيات جي ماهر طور هئي، هو پهريون عالم اسڪالر هو جنهن لسانيات تي پي ايڇ ڊي ڪئي. لسانيات جي صوتيات، آواز، لهجي ۽ ٻين موضوعن تي مختلف سائنسي پهلوئن سان ڪم ڪيو. ڊاڪٽر الانا 40 کان وڌيڪ ڪتابن تي ڪم ڪيو، ان ۾ درسي ڪتابن لاءِ سندس ڪم ۽ تجويزن کي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. ان موقعي تي سرفراز راڄڙ مخدوم خاندان جي سنڌي ادب، ٻولي ۽ ادبي بورڊ جي خدمتن تي روشني وڌي. جڏهن ته سيد شهزاد علي شاهه، نصير جوڻيجو، ماهوار سرتيون جي ايڊيٽر گلبدن جاويد مرزا، سيد سڪندر علي شاهه، ڊاڪٽر عبدالرحيم ۽ ٻين پڻ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.