130

ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن تي شهر اڏڻ وارو مهانگو منصوبو

ليکڪ: امر قاسم جسڪاڻي

تاريخ ۽ تھذيب جي مھندار سنڌ گذريل 7 ڏھاڪن کان ٻٽي عذاب جي ور چڙھيل آھي، ھڪ طرف ڌاريا سنڌ کي چئني پاسي چهٽيل آهن  تـه ٻئي طرف پنهنجا سنڌ وڪڻڻ ۾ ڪثر نٿا ڇڏن، انھن ٻنھين ڌرين  مان سنڌ جي جان ڪڏھن آجي ٿيندي يا وري سنڌي ماڻھو جو مستقبل ڇا ھوندو؟ ڪٿي سنڌي ماڻھن  جي سستي ۽ ڪاھلي ان جي وجود لاءِ خطرو ته نه بڻبي؟  ڪٿي ائين تـه نـه ٿي رھيو آھي جو حڪومت  سنڌ جي آبادي تبديل ڪري ۽ سنڌي ماڻھن جي وجود کي برسر خاڪ ڪرڻ چاھيندي ھجي؟ يا وري مفادپرست ٽولا سنڌ جي واحدانيت تي پنھنجا مفاد حاصل ڪرڻ چاھيندا ھجن؟ اھڙي  صورتحال ۾ نوجوانن کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟ مستقبل لاءِ عمل ڪھڙو ھجڻ گھرجي؟ مٿيان سوال سڄي سنڌي قوم تي تلوار جيان لٽڪندا رھيا آھن ۽ انھن جا جوڳا جواب اڃان تائين ملي نـه سگھيا آھن.ھتي پاڻ ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽ بابت تحقيقي ڳالھيون ڪنداسين ۽ انھن مان معلوم ڪنداسين تـه حڪومت جو آخر مقصد ڇا آھي؟ ۽ سنڌ جي ملڪيتن تي ڌاڙا ڪڏھن بند ٿيندا؟ ڪجھه ڏينھن پھرين انگريزي ۾ ھڪ تحقيقي مضمون نظر مان گذريو جيڪو احمد شبير ۽ صبوحي احمد جو لکيل ھو، ڏاڍو ڪارگر ۽ ڪارائتو مضمون ھو جنھن مان ڪجهھ ڳالهيون ھيٺ ڏجن ٿيون .اھو ھڪ وڏو چئلينجنگ سوال آھي تـه ڀنڊار ٻيٽ تي ڪير رھندو ؟ اھي ڪھڙا ماڻھو ھوندا جيڪي ڀنڊار ٻيٽ تي رھي خرچ بـه پورا ڪندا ۽ Servive بـ ڪري سگھندا؟ ھڪ طرف ڀنڊار ٻيٽ تي اڏاوت لاءِ جوش ۽ خروش نظر ٿو اچي تـه ٻئي طرف خريدار ۽ ريئل اسٽيٽ (real estate)  وارا مونجھاري ۽ پريشاني جو شڪار آھن. جديد طرز جي سھولتن سان ڪراچي، سمنڊ جي ڪناري اڏيو ويندڙ شھر ڀنڊار ٻيٽ دراصل ڪراچي جي ڳوڙھي آبادي کان پڻ ڪافي دور آھي، پاڪستان جا امير ترين ماڻھو ھن ٻيٽ تي باقي سموري سنڌ کان الڳ (Isolate) ٿي رھندا، گورنر سنڌ عمران اسماعيل جو چوڻ آھي تـ ” ڀنڊار ٻيٽ دبئي کان بـه  اھم آھي“  تنھنڪري ڪاروباري ماڻھو اتي سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ دلچسپي ڏيکارن ٿا.دراصل حقيقتون ڪجهھ مختلف آھن، ڀنڊار ٻيٽ سمنڊ ڪناري DHA phase viii کان ھڪ ڪلوميٽر فاصلي تي آھي، سوال اھو آھي تـه اتان ماڻھن جي آمدرفت ڪئين ممڪن ٿيندي؟ ٻيڙي ذريعي ھڪ پاسي جو سفر 2 ڪلاڪن جو ھوندو تـه پوءِ ڀنڊار ٻيٽ جا رھاڪو روزگار وغيرھ لاءِ ڪئين ايندا ويندا رھندا؟ شاگر اسڪول ۽ ڪاليج ڪئين ايندا ويندا؟ ان جو حل ڪھڙو ھوندو؟ تڏھن ٻٽن تي اڏاوات جي طرفداري ڪندڙن جو جواب اچي ٿو تـ ” ڀنڊار ٻيٽ کان ڪراچي تائين پل (Bridge) ٺاھي ويندي.ھڪ تخميني موجب سمنڊ مٿان ھڪ ڪلوميٽر پل ٺاھڻ تي 89 کان 95 ملين ڊالر گھربل ھوندا  جنھن جو مطلب آھي تـه 1.6 ڪلوميٽر پل ٺاھڻ لاءِ ٽوٽل خرچ 142 ملين ڊالر ٿيندا، تـ پوءِ پل تي ٿيندڙ خرچ تي وياج جي شرح اندازي کان ٻاھر ھوندي، سمنڊ مٿان پل ٺاھڻ لاءِ سيڙپڪاري ڪندڙ ڪڏھن بـه راضي ڪونه ٿيندا، ڇو تـ سمنڊ مٿان اڏيل پلون گھڻيون ڪارگر نٿيون رھن.ڀنڊار ٻيٽ مٿان شھر اڏڻ بعد ٻيو مسئلو بجلي جي فراھمي ھوندو!جيڪڏھن ڀنڊار ٻيٽ مٿان شھر اڏيو ويو تـه ان کي بجلي ڪراچي شھر کان مھيا ڪئي ويندي جنھن لاءِ  جديد قسم جي سمنڊ مان گذرڻ وارين تارن جو  (Submarine)  ۽ گيس پائيپ لائين جو بندوبست ڪرڻو پوندو يا تـ پوءِ ٻيٽ تي زير زمين ھڪ الڳ بجلي گھر قائم ڪرڻو پوندو. ھڪ اندازي مطابق بجلي جون سھولتون ميسر ڪرڻ لاءِ 100 ملين ڊالر کان وڌيڪ ماليت جي لاڳت جي ضرورت پوندي. وياج جي شرح 7% سيڪڙو ملائي ڪري 1.2 ملين ڊالر ھر سال ٿيندا؟ آخر اھا قيمت ڪير ادا ڪندو؟ ڪراچي يا ڀنڊار ٻيٽ جا رھاڪو؟ ڇا ڀنڊار ٻيٽ جا رھاڪو ڪي اليڪٽرڪ جي مھانگي بجلي جا بل ادا ڪندا؟ يا ھو مارڪيٽ جي اگهھ تي بجلي خريد ڪري سگھندا؟ سنگاپور بجلي ڪمپني جي مطابق ٻيٽ تي ھڪ بنگلي تي بجلي جو بل 758 سنگاپوري ڊالر ھوندو. مطلب ته  اھي پاڪستاني 91000 وڃي ٿيندا .ھڪ سوال اھو بـ پيدا ٿئي ٿو تـه ٻيٽ جي شھرين کي صاف پاڻي ڪئين مھيا ڪيو ويندو؟ اھا ڳالھه تـه صاف ظاھر آھي تـه پاڻي ٽينڪرن ذريعي نٿو مھيا ڪري سگھجي. اتي آخري حل سمونڊ جي پاڻي کي صاف ڪرڻ جا پلانٽ لڳائڻ (Desalination plant) ھوندو. پر ٿورو سوچجي  ته حقيقتون ڪجهھ ڳنڀير آھن. دبئي پاڻي ۽ بجلي اٿارٽي موجب 37گيلن پاڻي مان نمڪيات صاف ڪرڻ تي 1Dhr لڳي ٿو، ان مطابق ڀنڊار ٻيٽ تي ھر گھر کي 39 ھزار ھر مھيني پاڻي جا ادا ڪرڻا پوندا، پاڻي مان نمڪيات صاف ڪرڻ واري پلانٽ جي قيمت پڻ ڇرڪائيندڙ آھي. ھڪ پلانٽ (Desalination plant) جي قيمت تقريبن 300ملين ڊالر ٿيندي. جنھن تي وياج شرح 3.5 بلين ھر سال ھوندي. ھتي وري بـ ساڳيو سوال پيدا ٿو ٿئي تـه اھا قيمت ڪير ادا ڪندو؟ ھاڻي اسان اچون ٿا نيڪال جي سسٽم ۽ ڪچري جي طرف ان لاءِ  PIDA پلان ڇا ھوندو؟  ڇا سمورو گند ڪچرو سمنڊ ۾ اڇلايو ويندو ؟ جيڪو اتان لڙھندو اچي ڪراچي ويجھو ڪناري تي گڏ ٿيندو ۽ ڪناري سان آبادي لاءِ ھڪ نابرداشت بدبو جو باعث بڻبو؟ ھتي ڪو بـه مطمعن ڪندڙ جواب نٿو سجھي جيڪو ماحولياتي گدلاڻ کان بچائي سگھي. ڀنڊار تي اڏاوت لاءِ  ھنبوشون ھڻندڙ ان ڪچري کي ڪاڏي ڪندا؟ ھڪ اندازي مطابق ھر مھيني 16650 ٽن ڪچرو گڏ ٿيندو. پر پوءِ ان جو حل ڪھڙو ھوندو؟ ڇا اھو ڪچرو ٻيڙا ڀري ڪراچي موڪليو ويندو؟ آخر اھا آبادڪاري ڪراچي کي ڪچرا ڪنڊي بڻائي ڇڏيندي!!!!. ھڪ وڏو مسئلو گندي پاڻي جي نيڪالي جو پڻ ھوندو. ڇا اھو گندو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪيو ويندو يا ان لاءِ ٽريٽمنٽ پلانٽ لڳايا ويندا؟ ان جي لاڳت پڻ ھڪ سواليه نشان آھي!!!!.اسان جي اندازي موجب ڀنڊار ٻيٽ جي ڪل ايراضي 50 چورس ميل ٿيندي جنھن تي ڪل آبادي 731000 رھائش پذير ٿي سگھي ٿي. جيڪڏھن ھڪ گھر ۾ پنج ماڻھو رھن تـه ڀنڊار ٻيٽ تي 146263 گھر اڏي سگھجن ٿا. اھا ننڍڙي آبادي وڏو ماحولياتي عذاب بڻجي ويندي جنھن سان ماحول، آبي جاندار، ٻيٽ جا جاندار ۽ سنڌ بلخصوص ڪراچي ۽ سمنڊ ڪناري جا رھائشي ھڪ عذاب جي ور چڙھي ويندا. ھڪ خطرو اھو پڻ آھي تـه جيڪڏھن ٻيٽ تي اھي سڀ سھولتون ميسر نـه ڪيون ويون تـه پراجيڪٽ ناڪام ٿي ويندو ۽ پوءِ ڪراچي جي آبادي جو تاثر ئي مٽجي ويندو، ھڪ وڏي لاڳت نقصان جي ور چڙھي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو