143

سنڌ ۾ ٿيندڙ آبادڪاري ۽ ان جا معاشياتي اثر

ليکڪ: ”راز“ علي گل ڀٽو

دنيا ۾مختلف سببن جي ڪري آباديءَ  جي ھڪ ھنڌان ٻئي ھنڌ لڏ پلاڻ ٿيندي آھي، پر اھا ڪڏھن ڪڏھن معروضي حالتن تحت ٿيندي آھي، پر سنڌ دنيا جو واحد خطو آھي،جنھن ڏانھن ٻارنھن مھينا ئي لڏ پلاڻ جاري رھي ٿي، اھا لڏ پلاڻ ڪنھن مجبوري تحت گھٽ، پرمعاشي سببن جي ڪري منصوبابنديءَ تحت وڌيڪ ڪئي وڃي ٿي،جيڪا لڏ پلاڻ انساني ارتقا کان وٺي ھيل تائين جاري آھي،حمله آورن سان گڏ ايندڙ طبقن مان ڪن جو موٽي وڃڻ ڪن جو ٽڪي پوڻ ۽ڪن جو مقامي آباديءَ سان ملي جلي وڃڻ به ٿيندو رھيو آھي،تاريخ اھڙين لڏ پلاڻن متعلق تسلسل سان بيان بازي ڪندي رھي ٿي،پر اصل لڏ پلاڻ جنھن سنڌ جي ھر شي کي متاثر ڪيو آھي، جنھن ۾تعليم، روزگار، زبان ۽ ثقافت اچي وڃن ٿا، اھا آھي ننڍي کنڊ جي ورھاڱي واري لڏ پلاڻ جيڪا تسلسل سان جاري آھي، جنھن سنڌ جي سموري بساط کي ئي بيڪار ۽بي وزن ڪري ڇڏيو آھي،اڄ اسان ھتي ڪشميرين جي سنڌ ڏانھن لڏ پلاڻ جو ذڪر ڪري رھيا آھيون،ڪشميرين جي سنڌ ڏانھن پھرين باقائده لڏ پلاڻ ورھاڱي ۽ ان کان ترت پوءِ ڀارت ۽ پاڪستاني فوجن ۾ ٿيل جھڙپن جي نتيجي ۾ڪشميري محاذ ۽ ويجھو رھندڙن ڪئي، جنھن ڪري ڪافي ڪشميري خاندان سنڌخاص ڪري ڪراچيءَ ۾اچي آباد ٿيا، انھي منتقليءَ  بعد اھو ڏٺو ويو ته لڏي آيل ڪشميري واپس موٽڻ بدران  سنڌ ۾ئي ترسي پيا،ان کان پوءِ وري تربيلا بند ٻڌجڻ ڪري جيڪي ڪشميري متاثر ٿيا انھن مان به ڳپل ڪشميري آباديءَ کي  نوڪريون ۽ زمينون ڏئي سنڌ ۾آباد ڪيو ويو،اھي آبادڪار به حالتون سازگار ٿيڻ تي واپس وڃڻ بدران مستقل طور سنڌ ۾ئي ٽڪي پيا،انھن ڪشميرين جي تعداد جو پتو ان وقت پوي ٿو جڏھن آزاد ڪشمير ۾عام چونڊون ٿينديون آھن ته اميدوارن کي سنڌ مان پوندڙ ووٽن جو تعداد حيران ڪري ڇڏيندو آھي،تازو ملڪي ۽ غير ملڪي خابرو ادارا اھي خبرون ڏئي رھيا آھن ته وفاقي سرڪار پاران مختلف ھيلن بھانن سان ڪشميرين کي سنڌ جي اھم۽ نخوشحال علائقن ۾ آباد ڪرڻ جا سانباھا ڪيا ويا آھن،جنھن سلسلي ۾ وفاقي سرڪار ھڪ خط سرڪاري زمين جو حساب ڪتاب رکڻ واري کاتي کي لکي پيل سرڪاري زمين جا انگ اکر گھريا آھن،ھيل تائين سجاول ضلعي جي اختيارين وفاق کي اھو ٻڌايو ويو آھي ته سندن حدن ۾ اٽڪل ساڍا 6 ھزار ايڪڙ زمين پئي آھي،جنھن کي ٻيلن پوکڻ ۽ ٻين سرڪاري منصوبن لاءِ استعمال ڪرڻو آھي،چوڻ وارا اھو به چون ٿا ته سنڌ جي سڀني ضلعن جي روينيو عملدارن کي اھڙا تاڪيدي خط موڪليا ويا آھن ته خالي پيل زمين جي نشاندھي ڪئي وڃي ته جيئن اتي ڪشميرين کي آباد ڪري رھائش ۽ روزگار لاءِ زمينون ڏنيون وڃن،جڏھن ته سنڌ جو عوام شروع کان وٺي اھڙي آبادڪاري جي مخالفت ڪندو آيو آھي، ڇو ته کين معاشي وسيلن ۽ اقليت ۾تبديل ٿيڻ جو سنگين خطرو آھي، ورھاڱي کان وٺي حڪومتن سنڌ کي يتيم خانو سمجھي ان ڏي لڏي اچڻ، رھائش ۽ روزگار حاصل ڪرڻ وارن خاطر ڪي به قانوني ضابطا نه جوڙيا آھن، پر ان عمل جي پٺ ڀرائي پئي ڪئي آھي،ان لڏ پلاڻ جو مقصد جيڪڏھن صرف روزگار حاصل ڪرڻ ھجي ته سنڌ ڏکيو سکيو برداشت به ڪري وڃي ۽ سنڌين کي اعترض به نه ٿئي،پر ڳالھه ان کان اڳتي وڌي سڃاڻپ ڪارڊ، ڊوميسائيل ٺھرائي بعد ۾ نوڪريون حاصل ڪري ملڪيتون خريد ڪرڻ تائين وڃي پھتي آھي.

سنڌ جا مقامي ماڻھو ان عمل کي پنھنجو ۽ سنڌ جو وڏو ذيان سمجھن ٿا،سنڌ۾ڌارين جي آبادڪاري جوعمل ھاڻي ته ووٽ ڏيڻ ۽ چونڊ وڙھڻ تائين وڃي پھتوآھي، ان سموري عمل ۾ برمي،بنگالي،بھاري،نيپالي،افغاني ۽ روسي رياستن جا باشنده شامل ۽ سھولتڪار آھن، ان سموري عمل ۾کين ڏوڪڙن عيوض سرڪاري ڪامورن جو سھڪار حاصل ھجي ٿو،ان ڪري ھاڻوڪي وفاقي سرڪار جي رويي سنڌ واسين کي ان ڪري به ڳڻتيءَ ۾وجھي ڇڏيو آھي ،جو وزير اعظم ھڪ بيان ۾ چيو آھي ته سنڌ اسان جو صوبو ناھي،جڏھن ملڪ جو حاڪم اھو بيان ڏئي ته ان جو مطلب اھو ٿو نڪري ته کيس سنڌ جي زمين ۽ ان جا وسيلا گھرجن باقي سنڌ جي عوام سان سندن وسطو ئي ناھي،ڌارين جي آباديءَ سان سنڌ جي مقامي آباديءَ لاءِ رھائش ۽ روزگار جا وسيلا سوڙھا ٿيندا پيا وڃن، ان ڪري سنڌ جي اصل باشندن کي ھاڻي اھا ڳالهھ چڱيءَ ريت سمجهھ ۾ اچڻ لڳي آھي ته وفاقي حڪومت سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي قبضو ڇو ٿي ڪرڻ چاھي، ان جو ھڪڙو ئي مطلب نڪري ٿو ته مقامي ماڻھن کي سنڌي سمنڊ کان پري ڌڪي کين ڌاري آباديءَ جي گھيري ۾آندو وڃي، وفاقي حڪومت جي اھا روش سنڌ جي جاگرافي، زبان ۽ ثقافت سان ھٿ چراند آھي، اڳيئي سنڌ جي جاگرافيءَ جو گھڻو نقصان ٿي چڪو آھي، جنھن ۾جنرل ايوب خان جي دؤر ۾سنڌ جي ٿر جا ڪافي علائقا ڀارت، اوڀر ۾پنجاب،۽ اتر جا ڪافي علائقا بلوچستان کي ڏئي سنڌ کي گھڻو سوڙھو ڪيو ويو،جيڪي ڪم سرڪاري سطح تي به لڪي ڪيا وڃن ،انھن ۾ضرور ڪا گڙ ٻڙ ھوندي آھي،سنڌ جي مقامي آبادي زبان، ثقافت ۽ وسيلن تي ڌاري آباديءَ جو وڏو دٻاءُ آھي، وفاقي سرڪار پاران سنڌ ۾ٻاھريان آباد ڪرڻ سنڌ جي وحدت ۽ وسيلن تي راتا ھو آھي،سرڪار جي اکين ۾ڦري گري سنڌ جي زمين ڇو ٿي تري،جيڪڏھن مودي  پاران والاريل ڪشمير ۾ ڌاري آبادي غلط قدم آھي ته پوءِ  ساڳيو عمل سنڌ ۾ ڪيئن جائز آھي،سرڪار جي ان عمل سان سنڌ کي ھڪ دائري ۾بند ڪيو پيو وڃي،جيئن امڪاني سجاڳيءَ کي آسانيءَ  سان دٻائي سگھجي،ھتي اھا ڳالهھ به دھرائڻ ضروري ٿا سمجھون ته ھڪ صوبي جا ماڻھو ٻئي صوبي ۾ڪن ضابطن تحت روزگار لاءِ ضرور اچن پر کين شناختي ڪارڊ ٺھرائڻ، ڊوميسائيل ٺھرائڻ ۽ ملڪيت خريد ڪرڻ جو حق نه ھجڻ گھرجي،ان طريقي سان ئي مقامي آباديءَ کي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ کان بچائي سگھجي ٿو،ھينئر سنڌ سرڪار جو به امتحان آھي ته اها سنڌ ۽ سنڌ جي عوام جو مقدمو ڀرپور نموني ۾وڙھڻ لاءِ  ميدان ۾ اچي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو