201

ٽنڊو رحيم خان ڀرسان گهرو اڻبڻت تان عورت مبينا طور خودڪشي ڪري ڇڏي

جوھي (ن سوڀ) ٽنڊو رحيم خان ٿاڻي جي حد ڪاڇي جي  ڳوٺ کنڌاني ۾ 22 ورهين جي شادي شدہ عورت ليلان زال عارف شاھاڻي گھرو اڻبڻت سبب مبينا خودڪشي ڪري ڇڏي آهي. ٽنڊو رحيم خان پوليس عورت جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ جوھي تعلقي اسپتال آندو، جتي ضروري ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، آخري اطلاعن  تائين ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو