169

لاهور هاءِ ڪورٽ طرفان ضلعي عدالتن ۾ التوا هيٺ ڪيسن کي 31 مارچ تائين اڪلائڻ جو حڪم

لاهور(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جسٽس محمد قاسم خان فريادين ۽ وڪيلن جي سهولت لاءِ سڄي صوبي جي ضلعي عدالتن ۾ 2016ع تائين جي التوا هيٺ هزارين ڪيسن کي 31 مارچ تائين اڪلائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ڊائريڪٽوريٽ آف ڊسٽرڪٽ جوڊيشري هاءِ ڪورٽ سڄي صوبي جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز کي هدايت جاري ڪري ڇڏي ته 2016ع تائين جي التوا هيٺ سمورن سيشن ۽ سول ڪيسن جا فيصلا 31 مارچ تائين ڪيا وڃن. انگن اکرن مطابق لاهور جي ضلعي عدالتن ۾ 2016ع تائين جي 2 هزار 30 سيشن سيشن ڪيس التوا هيٺ آهن جڏهن ته سول ڪيسن جو انگ 37 هزار 728 آهي. اهڙي طرح فيصل آباد ۾ پنج سال پراڻي سيشن ۽ سول ڪيسن جو انگ 190 ۽ 6 هزار 490 آهي. گوجرانواله جي ضلعي عدالتن ۾ پنج سال پراڻي سول ڪيسن جو انگ 3 هزار کان وڌيڪ آهي جڏهن ته ٻه سئو کان وڌيڪ سيشن ڪيس پڻ التوا هيٺ آهن. ملتان جي ضلعي عدالتن ۾ 257 سيشن ۽ 7 هزار ويجهو سول ڪيس التوا هيٺ آهن. راولپنڊي جي ضلعي عدالتن ۾ 2016ع تائين جا 8 هزار کان وڌيڪ سول ڪيس جڏهن ته 145 سيشن ڪيس التوا هيٺ آهن. شيخوپوره جي سول عدالتن ۾ 5  سال پراڻا هڪ هزار 635، رحيم يار خان ۾ هڪ هزار 653 ۽ بهاولپور ۾ 17 سو کان وڌيڪ ڪيس التوا هيٺ آهن. ڊائريڪٽوريٽ آف ڊسٽرڪٽ جوڊيشري طرفان جاري پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سمورا سيشن ججز چيف جسٽس طرفان ڏنل ڊيڊ لائن تي عمل يقيني بڻائيندا ۽ هفتي وار اڳڀرائي رپورٽ پڻ موڪليندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو