167

سينيٽ چونڊن ۾ عدليا جو سهارو ورتو پيو وڃي، سپريم ڪورٽ، اليڪشن ڪميشن ۽ حڪومت کي آئين ۾ ترميم جو ڪو حق ناهي: پي ڊي ايم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مخالف ڌر اتحاد پي ڊي ايم جي اڳواڻن چيو آهي ته سپريم ڪورٽ، اليڪشن ڪميشن ۽ حڪومت کي آئين ۾ ترميم جو ڪو حق ناهي پر رڳو پارليامينٽ کي اهو حق حاصل آهي. اسلام آباد ۾ پي ڊي ايم جي گڏيل اميدوار يوسف رضا گيلاني سان گڏجي صحافين سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن چونڊن کي اڳ ۾ ئي تڪراري بڻائي ڇڏيو آهي، پي ڊي ايم ان ڳالهه تي متفق آهي ته آئين ۾ ترميم جو حق رڳو پارليامينٽ کي آهي، نه سپريم ڪورٽ، نه اليڪشن ڪميشن ۽ نه ئي حڪومت کي اهو حق حاصل آهي. شاهد خاقان عباسي جو چوڻ هو ته چور دروازي کان آئين ۾ ترميم جي مڪمل مخالفت ڪريون ٿا، اهڙي ڪوشش وڏي زيادتي هوندي جنهن جي پي ڊي ايم مخالفت ڪندي، وڊيو اسڪينڊل ۾ پئسا وٺندڙ ۽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ جا ماڻهو آهن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي چونڊ به چوري ٿيندي آهي. يوسف رضا گيلاني جو چوڻ هو ته اسان جا 4 اڳواڻ جيلن ۾ آهن، مطالبو ڪريان ٿو ته جيلن ۾ موجود ميمبرن کي ووٽ ڏيڻ جي اجازت ڏني وڃي، سينيٽ ۾ پهريون ڀيرو ايڏو گوڙ ٿي رهيو آهي، عدالت کي قانون ۾ ترميم جو چيو پيو وڃي، اسان پاڻ هارس ٽريڊنگ جا شڪار ٿياسين، گوڙ ته اسان کي ڪرڻ گهرجي ها، ترميم پارليامينٽ جو ئي اختيار آهي، حڪومت رابطا ڪري پنهنجون حالتون بهتر بڻائي، سينيٽ چونڊن ۾ عدليا جو سهارو ورتو پيو وڃي، شفافيت ٿيڻ گهرجي پر پارليامينٽ جو اختيار ڪوبه ادارو نٿو کڻي سگهي، اليڪشن ڪميشن سينيٽ چونڊن کي تڪراري بڻائي ڇڏيو آهي. راجا پرويز اشرف جو چوڻ هو ته يوسف رضا گيلاني جي اميدوار بڻجڻ کانپوءِ حڪومت جا پگهر نڪري آيا آهن، حڪومت ووٽرن کي پريشان ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي پر معزز ميمبر اسيمبلي ميرٽ تي فيصلو ڪندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو