184

دادوءَ ۾ ٽن ورهين جي ٻارڙيءَ سان مبينا زيادتي، جوابدار گرفتار، سنڌ حڪومت نوٽيس ورتو

دادو (ويب ڊيسڪ)دادو ۾ انتهائي افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي، جتي وحشي جوابدار انسانيت جا سمورا ليڪا لتاڙيندي ٽن ورهين جي معصوم ٻارڙي کي مبينا زيادتي جو نشانو بڻايو آهي. رپورٽن مطابق  بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڇاڻو شاهه آباد واري علائقي ۾ 3 ورھين جي معصوم ٻارڙي افشان شاھاڻي کي  وحشي جوابدار اياز پنھور پنهنجي گهر اندر مبينا زيادتي جو نشانو بڻايو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار اياز پنهور نينگري کي هڪ جاءِ تي وٺي ويو ته پاڙي وارن کيس ڏسي ورتو، اطلاع تي پوليس پهتي پر جوابدار نينگر کي زيادتي جو نشانو بڻائڻ کانپوءِ لڪي ويو، جنهن کي سندس گهر مان گرفتار ڪيو ويو آهي، متاثر نينگري جي ميڊيڪل ٽيسٽ کانپوءِ وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏهن ته گرفتار جوابدار کان پڇاڻو جاري آهي. متاثر نينگري کي سول اسپتال دادو منتقل ڪيو ويو، اهڙي اطلاع تي ايس ايس پي دادو، ڊي سي دادو، سياسي سماجي پارٽين جا اڳواڻ توڙي شهري وڏي انگ ۾ اسپتال پهچي ويا. ڊاڪٽرن ٻارڙي جي حالت ڳڻتي جوڳي قرار ڏئي ڇڏي آهي. چيڪ اپ ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي ۽ عورت پوليس آفيسر به ٻارڙي جي حالت ڏسي روئي پيون، جڏهن ته ڊاڪٽرن معصوم ٻارڙي سان زيادتيءَ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. متاثر ٻارڙيءَ جي امڙ عظيمان شاهاڻي لڙڪ لاڙيندي چيو ته اسان سان وڏو ظلم ٿيو آھي، انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي سنڌ حڪومت اهڙي واقعي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو