163

عارف علوي پاران قائداعظم اڪيڊمي جو دورو، تحقيقاتي ڪم ۽ نون ريسرچرز جي مقرري واري عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قائداعظم اڪيڊمي ڪراچي جو دورو ڪيو آهي. صدر کي اداري جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي صدر لائبريري ۾ موجود پراڻا ڪتاب ۽ ڪيٽلاگ ڊجيٽلائيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته تحقيقاتي ڪم ۽ نون ريسرچرز جي مقرري جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. صدر کي ٻڌايو ويو ته اداري پاران 80 ڪتاب ڇپايا ويا آهن، صدر اداري جي لائبريري جو به دورو ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو