245

سپريم ڪورٽ ڊيم فنڊ ۾ عطيو ڪيل زمين مالڪ کي واپس ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)سپريم ڪورٽ ڊيم فنڊ ۾ عطيو ڪيل 12 ايڪڙ زمين جا ڪاغذ مالڪ کي واپس ڪري ڇڏيا آهن. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بئنچ ڊيم فنڊ ۾ 12 ايڪڙ زمين عطيو ڪرڻ واري معاملي جي ٻڌڻي ڪئي، سپريم ڪورٽ ڊيم فنڊ ۾ عطيو ڪيل 12 ايڪڙ زمين جا ڪاغذ مالڪ کي واپس ڪري ڇڏيا. عدالت رجسٽرار کي ملڪيت جا دستاويز شيخ آفتاب الاهي حوالي ڪرڻ جي هدايت ڪئي. شيخ شاهد آفتاب الاهي چيو ته قبضاخورن کان تنگ اچي زمين ڊيم فنڊ ۾ عطيو ڪئي هئي، بدمعاشن زيادتي ڪئي، رپورٽ به اسان خلاف داخل ڪرائي. زمين مالڪ جي پٽ فيضان مطابق اسان جي پيءُ ڊپريشن سبب زمين فنڊ ۾ عطيو ڪئي. ان تي چيف جسٽس گلزار احمد چيو ته هي عدالت ۾ ڪهڙو تماشو ڪيو ويو آهي؟ عدالت جو وقت ضايع ڪيو پيو وڃي، چار پئسن لاءِ پنهنجي پيءَ کي ڊپريشن جو مريض ٿا چئو، ڊيم فنڊ ۾ زمين عطيو ڪرڻي آهي ته خوشي سان ڏيو، وٺي وڃو پنهنجي زمين جا ڪاغذ.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو