راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف پي اي ايف ائيروار ڪاليج انسٽيٽيوٽ ڪراچي جو دورو ڪيو، جتي هن 34هين وار ڪورس جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪيو. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر مطابق ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کي هڪ صدي پراڻي انفرااسٽرڪچر جي اپگريڊيشن بابت بريفنگ ڏني وئي ۽ آرمي چيف سينٽرل آرڊيننس ڊپو ڪراچي جو به دورو ڪيو. آرمي چيف لاجسٽڪس واري شعبي ۾ آرڊيننس ڪور جي ڪاوشن کي ساراهيندي چيو ته پاڪ فضائيا جا آفيسر پاڻ کي جديد رجحان سان روشناس ڪن، هاڻوڪن چئلينجز ۾ پاڻ کي هر وقت تيار رکڻو پوندو. وار ڪورس جي شريڪ ٿيندڙن کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جو چوڻ هو ته دشمنن جي سازشن جو ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ هر وقت الرٽ رهڻ گهرجي.
238