227

ن ليگ جو سينيٽر مشاهد الله خان لاڏاڻو ڪري ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو سينيٽر مشاهد الله خان اسلام آباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي. مشاهد خان الله جي پٽ ڊاڪٽر عفنان الله پيءُ جي لاڏاڻي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته سندس آخري رسمون اسلام آباد جي ايڇ 11 قبرستان ۾ ادا ڪيون وينديون. اڳوڻي گورنر ۽ ن ليگ جي سينيئر اڳواڻ محمد زبير خان مشاهد الله جي لاڏاڻي جي تصديق ڪندي چيو ته مشاهد الله خان گذريل ڪيتري ئي عرصي کان بيمار هو. مشاهد الله خان ن ليگ جي سينيئر اڳواڻن ۾ شامل ٿيندو هو ۽ هو ن ليگ جي اڳوڻي حڪومت ۾ وفاقي وزير به رهي چڪو آهي. ٻئي پاسي ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز مشاهد الله جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته سينيٽر مشاهد الله خان پارٽي جو وفادار ۽ سينيئر اڳواڻ هو، سندس وڇوڙو ن ليگ لاءِ وڏو نقصان آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو