اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن اڳوڻي وزيراعظم ۽ سينيٽ چونڊن ۾ پي ڊي ايم جي گڏيل اميدوار يوسف رضا گيلاني جي نامزدگي ڪاغذن تي اعتراض رد ڪري ڇڏيا آهن. پي ڊي ايم جي اميدوار يوسف رضا گيلاني جي نامزدگي ڪاغذن تي پي ٽي آءِ جي فريد رحمان اعتراض واري درخواست داخل ڪرائي هئي. پي ٽي آءِ جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته يوسف رضا گيلاني آرٽيڪل 62 ۽ 63 تي پورو نٿو لهي، وزيراعظم واري حلف جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي تاحيات نااهلي آهي، يوسف رضا گيلاني خلاف نيب ۾ ريفرنس ٻڌڻي هيٺ آهن، کيس چونڊ وڙهڻ جي اجازت نه ملڻ گهرجي. ان موقعي تي يوسف رضا گيلاني جي وڪيل چيو ته جن ڪيسن تي عدالت جو فيصلو ناهي آيو، مخالف اهو جواز ڄاڻائي رهيا آهن، مخالف وڪيل رڳو ان ڪيسن جو حوالي ڏئي رهيو آهي جيڪي عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن، يوسف رضا گيلاني وزيراعظم طور هڪ ملين جي لڳ ڀڳ فيصلا ڪيا، ان تي رڳو ڪجهه نيب ڪورٽ ۾ ريفرنس آيا، ڪيسن جو ٻڌڻي هيٺ هجڻ ڪو جواز ناهي ته اميدوار جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا وڃن. رٽرننگ آفيسر ٻنهي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪيو هو، جيڪو ٻڌائيندي يوسف رضا گيلاني جي ڪاغذن تي اعتراضن کي رد ڪندي سندس نامزدگي ڪاغذ منظور ڪري ورتا.
