اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وڪيلن کان عدالت تي حملو ڪندڙ وڪيلن جا نالا گهري ورتا آهن. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق هاءِ ڪورٽ حملي ڪيس ۾ 26 وڪيلن خلاف توهين عدالت واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران وڪيلن ڪچهري آپريشن ڪندڙن خلاف جي آءِ ٽي جوڙڻ جو مطالبو ڪيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر حسيب چوڌري عدالت ۾ پيش ٿيو، ان موقعي تي وڪيلن عدالت ۾ چيو ته اسان جي تذليل ڪئي پئي وڃي، ائين اڳ ڪڏهن مارشل لا واري دور ۾ به نه ٿيو هو، اسان کي عدالت ايندڙ گيٽ ٻاهريان گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان تي جسٽس عامر فاروق چيو ته وڪيلن جون تنظيمون پاڻ ذميوارن جو تعين ڪن ها ته ٻيا وڪيل پريشان نه ٿين ها، هي معاملو ڪارو ڪوٽ پائيندڙ وڪيلن ۽ اسان ججن لاءِ الميو آهي، معاملو ختم ڪرڻو آهي ته توهان پاڻ ان وڪيلن جا نالا ڏيو جن حملو ڪيو. معزز جج چيو ته جن ڀڃ ڊاهه ڪئي مهرباني ڪري انهن 5، 7 وڪيلن جا نالا اسان کي ڏيو، جيتري مون کي ڄاڻ آهي ته ڪجهه سي سي ٽي وي ڪئميرا ان ڏينهن فعال نه هئا. جسٽس عامر فاروق جو چوڻ هو ته قانون سڀني لاءِ برابر آهي ۽ ڪنهن جي ڪا انا ناهي. جسٽس عامر فاروق 26 وڪيلن جي اپيل تي جواب جمع ڪرائڻ جي مهلت ڏئي ڇڏي ۽ ڪيس جي ٻڌڻي ٽن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.
