لاهور (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن سينيٽ چونڊن لاءِ ن ليگ اڳواڻ پرويز رشيد جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪري ڇڏيا آهن. ن ليگ اڳواڻ پرويز رشيد جي نامزدگي ڪاغذن تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي وڪيل رانا مدثر اعتراض اٿاريو هو. رانا مدثر جو چوڻ هو ته پرويز رشيد پنجاب هائوس جو قرضي آهي، هن پنجاب هائوس کي 5 هزار رپيا ادا ناهن ڪيا. ان موقعي تي اليڪشن ڪميشن پرويز رشيد کي الزام جي وضاحت لاءِ طلب ڪيو هو. ليگي اڳواڻ پرويز رشيد اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿي ٻڌايو ته هو پنجاب هائوس جا پئسا جمع ڪرائڻ چاهي ٿو پر پنجاب هائوس انتظاميا مون کان پئسا وصول نه ڪيا، مان اڄ به پئسا جمع ڪرائڻ لاءِ تيار آهيان. اليڪشن ڪميشن پرويز رشيد ۽ پي ٽي آءِ جي وڪيل جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ ليگي اڳواڻ جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪري ڇڏيا.
267