ليکڪ: مير ذوالفقار چانڊيو
الله تعاليٰ جو قرآن پاڪ ۾ ارشاد آهي، جنهن جو مفهوم هي آهي ته، ”ھر نفس کي ھر ساهه واري شيءِ کي موت جو ذائقو چکڻو آهي، بلڪل الله تعاليٰ جو فرمان برحق آهي، اھو پورو ٿيڻو آهي“. اڄ کان ٽي سال اڳ ملڪ جي نامياري قانوندان عاصمه جھانگير به وڃي خالق حقيقي سان ملي، عاصمه جھانگير 27 جنوري 1952ع ۾ لاهور ۾ پيدا ٿي، جنهن پنهنجي زندگي کي بھتر کان بھتر گذارڻ ۽ غريب عوام جي خدمت ڪرڻ يا بي سھارا ماڻهن جو سھارو بڻجڻ لاءِ يا کڻي چئجي ته مظلومن جي ھمدردي ڪرڻ لاءِ پاڻ وڪالت جھڙي قانوني پيشي کي اختيار ڪيو. ڪجهه ئي سالن ۾ پنهنجي وڪالت جھڙي پيشي اندر بلندين جا پھاڙ پار ڪرڻ لڳي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ملڪ جي مشهور وڪيل بڻجي وئي، پنهنجي پيشي سان سچائي ڪري ڪافي مظلومن جي مدد ڪندي رھي ۽ ملڪي سطح تي بيوس ماڻهن جا ڪيس مفت ۾ وڙهڻ لڳي، جنهن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري غريبن جون دعائون کٽندي هئي. ھڪڙا وڪيل سيشن ڪورٽ يا ھاءِ ڪورٽ جا ھوندا آهن پر عاصمه جھانگير انهن سڀني عدالتن کان مٿي عدالت سپريم ڪورٽ ۾ وڪالت جي خدمت ڏيندي رھي. 2007ع ۾ قانون جي بالادستي ۽ وڪيلن جي بحالي واري تحريڪ ۾ عاصمه جھانگير سرفھرست رھي ۽ اڳتي ھلي 2010ع ۾ عاصمه جھانگير سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدارتي اليڪشن ۾ حصو ورتو ۽ 734 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي. انهيءَ سان گڏوگڏ عاصمه جھانگير انساني حقن جي عملبردار هئي. عاصما جھانگير ھڪ اھڙي عورت هئي، جنهن مان گھٽ ماڻهو مطمئن ٿيندا ھوندا، ھونءَ به عاصمه جھانگير قانون جي لحاظ سان بھترين ۽ اعليٰ شخصيت هئي، ھن جي ننڍپڻ کان جواني ۽ زندگيءَ جي آخري ساهه تائين قانون جي حڪمراني، بالادستي ۽ ملڪ اندر جمھوريت جي بحالي لاءِ جدوجهد ڪندي گذري، جنهن ڪري کيس سخت تنقيد برداشت ڪرڻي پوندي ھئي. عاصمه جھانگير وڏي واڪي اھو چوندي هئي ته جڏهن احتساب سڀني جو ٿيندو ته سياستدان فرشتا نظر ايندا پر افسوس ته ان جي زندگي ۾ اھو خواب پورو نه ٿي سگھيو. عاصمه مذهبي لحاظ سان تڪراري شخصيت رھي، پر عورت ٿي ڪري مردن جي معاشري ۾ پنهنجي ذات کي ڪڏهن نقصان نه پھچائڻ ڏنو. اھڙيءَ طرح 11 فيبروري 2018ع تي اچانڪ دل جي دوري سبب ھن فاني دنيا مان انتقال ڪري وئي، جنهن سبب حقيقي طور قانون ۾ وڏو خال پيدا ٿيو ۽ ملڪ ھڪ قانون جي ماھر کان يتيم ٿي ويو. حقيقت آهي ته ھر انسان کي مرڻو آهي جيڪو به انسان پيدا ٿيو آهي ان کي مرڻو آهي، بس ھي جھان ڇڏڻو آهي، دنيا ۾ ڪنهن کي به زندهه ناهي رھڻو، ھڪ نه ھڪ ڏينهن سڀني کي موت اچڻو آهي، بس فنا ٿيڻو آهي ۽ حقيقت ۾ ھي دنيا فاني آهي پر معاشري ۾ ڪجهه اھڙا به محنتي ۽ جاکوڙ ڪندڙ انسان ھوندا آهن جن جي مرڻ کانپوءِ به معاشري ۾ ضرورت محسوس ڪئي ويندي آهي، جھڙي طرح عاصمه جھانگير جي آئين قانون ۾ ضرورت محسوس ڪئي ويندي آهي. عاصمه جھانگير ته آئين قانون جي ماھر اڳواڻ هئي، جنهن ھميشه بھادري سان حق سچ ۽ قانون جي ڳالهه ڪئي، جنهن جو خواب ھو ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ملڪ اندر قانون جي حڪمراني ھجي ۽ ھر ھنڌ قانون جي ڳالهه ھجي ۽ قانون جي پرچار ھجي. سياست جي دنيا ۾ محترمه بينظير ڀٽو کي بھترين ليڊر رول ماڊل سمجھندي هئي ۽ ھر فورم تي بينظير ڀٽو جي تعريف جا گل نڇاور ڪندي هئي. عاصمه جھانگير جھڙيون بھادر عورتون قسمت سان پيدا ٿينديون آهن، جيڪي ملڪ ۽ عوام خاطر پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏينديون آهن. عاصمه جهانگير نه رڳو هڪ بهادر وڪيل هئي پر هُوءَ انساني حقن جي حوالي سان هڪڙي سجاڳ اڳواڻ عورت هئي، جنهن سڄي ملڪ اندر انساني حقن لاءِ مثالي ڪم ڪيو، نه صرف ايترو پر هُن سدائين ڊڪٽيٽرن جي اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهايو ۽ عملي طور تي به انهن جي ڪارن قانونن خلاف جدوجهد ۾ رهي ۽ تاريخي ڪيس وڙهي، ملڪ کي آمرن ۽ غاصبن جي شڪنجن مان ڪڍڻ ۾ ڪامياب وئي. اِهو ئي سبب آهي جو هُن جي جيئري هجڻ توڙي وفات کانپوءِ به سندس مخالف به کيس عزت جي نگاهه سان ڏسن ٿا ۽ کيس هڪ بهادر عورت اڳواڻ طور مڃين ٿا.