ليکڪ: رياض احمد ميمڻ
بين الاقوامي سطح تي ڪمند جي وڌيڪ پيداوار ڏيندڙ ملڪن ۾ پاڪستان جو نالو به سرفهرست آهي، هن وقت پاڪستان ۾ 64 ملين ٽن ڪمند جي سالياني پيداوار آهي، جيڪا عالمي سروي مطابق ٻه ٽي سال اڳ 55 ملين ٽن تائين هئي ۽ ڪمند ۾ پاڪستان جو شمار به وڌيڪ پيداوار ڏيندڙ ملڪن ۾ ٿئي ٿو. دنيا ۾ پنجين نمبر تي سڀ کان وڌيڪ ڪمند پاڪستان ۾ پوکيو وڃي ٿو. 2009ع ۾ جڏهن عالمي سطح تي سروي ڪري سڀ کان وڌيڪ ڪمند جو فصل ڏيندڙ ملڪن جي فهرست جاري ڪئي وئي ته انهن انگ اکرن مطابق دنيا ۾ 1.743.068 مڻ ڪمند جي پيداوار ٻڌائي وئي، جنهن مان سڀ کان پهرين برازيل جو ذڪر هو جتي 672.157.000، ٻئي نمبر تي ڀارت 285.029.000، ٽئين نمبر تي چين 116.251.272، چوٿين نمبر تي ٿائلينڊ 66.816.400، پنجين نمبر تي پاڪستان 50.045.400، ڇهين نمبر تي ميڪسيڪو 49.492.700، ستين نمبر تي ڪولمبيا 38.500.000، اٺين نمبر تي فلپائن 32.500.000، نائين نمبر تي آسٽريليا 30.284.000 ۽ ڏهين نمبر تي ارجنٽائن 29.000.000 ملين ميٽرڪ ٽن ڪمند جي پيداوار رکندڙ ملڪ هئا. پاڪستان جي ٻن وڏن صوبن سنڌ ۽ پنجاب ۾ زراعت جي دنيا ۾ ڪمند جو فصل ڪرنگهي جي هڏي وانگر آهي، فقط سنڌ ۾ 37 جي لڳ ڀڳ شگر ملون آهن، جيڪي هر سال ڪروڙين مڻ ڪمند جي خريداري ڪري پيڙهائي ڪن ٿيون. ڪمند جي فصل جي حوالي سان سنڌ جي آبادگارن ۾ اها ڳالهه اهم آهي ته ڪمند نر فصل آهي، اهو ان ڪري ته ڪمند اڪثر ڪري قدرتي آفتن ٻوڏ توڙي سوڪ وغيره ۾ جتي ٻيا فصل لڙهي ويندا آهن اتي ڪمند جو فصل محفوظ رهي مناسب ۽ معقول مقدار ۾ معمول مطابق اپت ۽ پيداوار ڏئي ٿو، ذري گهٽ ڪنهن وڏي نقصان، آمدني، بچت ۽ ايوريج ڏيڻ ۾ مفيد هوندو آهي، باقي وڏو حصو بچي ويندو آهي، جنهن سبب زميندار ۽ هاري نقصان کان بچي ويندا آهن، جتي ٻيا فصل تيار ٿيڻ تائين سڙي وڃڻ جو خدشو رهندو آهي، اتي ڪمند جو فصل پوکڻ بعد تيار ٿيڻ تائين خرچ ڪندڙ زميندار ۽ نانگ لتاڙي محنت ڪندڙ هاري بي فڪر رهندا آهن، بس تيار ٿيڻ تائين پاڻي وغيره سميت ڪجهه سار سنڀال لهندا آهن، باقي ننڍڙي ٻار جيان ٻين فصلن کي پالڻ وارو حال ڪمند جي فصل سان نٿو ٿئي. خالق ڪائنات پاران پاڪستان کي به ڏنل هي ڏاڍي (نر) ۽ ڪيترين ئي شين ۾ ڪم ايندڙ فصل ڪمند پوکڻ وارا هاري ۽ زميندار هن وقت ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي ويا آهن، ڪمند ملن ۾ پهچڻ بعد ملن وارا ڪمند مان حاصل ٿيندڙ خام مال منجهان هر سال ڪروڙين رپيا ڪمائن ٿا، ڪمند جي پيڙهائي ڪري ڪمند جي رس مان کنڊ ٺهڻ سان گڏوگڏ الڪوحل، بگاس، گتو، چاش سميت آخر ۾ ڪمند جي ڇوڏي (ڪچري) مان به فرنيچر ۾ ڪم ايندڙ چي بورڊ شيٽ ٺاهي ويندي آهي، هي هڪ اهڙو فصل آهي جنهن جو فضلو به قيمتي هجي ٿو، ان باوجود هن فصل جي پوک ۾ وڏين تڪليفن کي منهن ڏئي خرچ ڪندڙ زميندار ۽ هاري مناسب اگهه نه ملڻ سبب تباهه ٿيندا پيا وڃن. ڪمند جي پوک نه صرف هارين ۽ زميندارن جي گذر سفر جو ذريعو آهي پر شگر ملن ۾ ڪم ڪندڙ لکين ملازمن جي گهرن جي چلهه ٻارڻ سميت ملڪ جي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي واري حيثيت رکي ٿي، پر هن سون مثل قيمتي فصل جي بقا جي لاءِ حڪومت لاتعلق بڻيل آهي. سنڌ ۾ هن قيمتي فصل جو حال اهو آهي جو هن جو اگهه صفا گهٽ آهي. سڄو سال پنهنجي زمين ۾ هڪ ئي فصل رکي زمينون سيڙائيندڙ ڪمند جي آبادگارن جا ڪروڙين رپيا ملز انتظاميا پاران بلاجواز روڪيا به ويا آهن. جيڪڏهن صورتحال اِها رهي ته مجبور ٿي آبادگار ڪمند جو فصل پوکڻ ڇڏي ڏيندا ۽ نتيجي طور عالمي سطح تي ڪمند جي پيداوار ۾ مڃتا ماڻيندڙ اسان جي ملڪ جو معيار گهٽجي آخري نمبر تي اچي بيهندو، ان لاءِ حڪومت کي اڳواٽ ڪا منصوبابندي جوڙي ڪمند جي آبادگارن کي معاشي استحصال کان بچايو وڃي ۽ کين مناسب اگهه ڏنو وڃي ۽ نقصان جي صورت ۾ خود حڪومت کي سبسڊي ڏئي ڪمند جي حوالي سان پاڪستان جي عالمي معيار کي برقرار رکڻ لاءِ اثرائتو ۽ عملي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.