214

حضرت امام علي نقي عليه السلام جي ولادت مبارڪ

ليکڪ: دانش نبي بخش شر

عالم اسلام جو ڏهون پيشوا حضرت امام علي النقي الهادي عه 5 رجب المرجب، 212هجريءَ ۾ مدينه منوره جي ويجهو ”صريا“ نالي هڪ پاڙي ۾ ڄائو، سندس والد حضرت رسول خدا صه جو نائون جانشين حضرت امام محمد تقي عه ۽ والده بي بي ”سمانه“ خاتون آهي. امام علي نقي عه جا مشهور لقب ”نقي“ ۽ ”هادي“ آهن. ”ابوالحسن ثالث“ به سڏيا ويندا هئا. ان ڪري جو مڪتب اهل بيت عه ۾ ”ابوالحسن اول“ حضرت امام موسيٰ بن جعفر عه ۽ ”ابوالحسن ثاني“ اٺون امام علي بن موسيٰ الرضا عه جن آهن. امام علي نقي عه جن 220هجريءَ ۾ پنهنجي والد جي شهادت کانپوءِ امامت جي مسند تي سرفراز ٿيا. تڏهن عمر 8 سال هئن. 33 سال امامت جي منصب تي برقرار رهيا ۽ سندن ڪل عمر 41 سال ۽ ڪجهه مهينا هئي. سندن شهادت 254هجري 4 ۾ واقع ٿي، جن کي سندن ديدار جو شرف حاصل ٿيو هو تن جي چوڻ موجب پاڻ قد جا پورا پنا، رنگ جا سرخي مائل ڀورا هئا، سندن اکيون وڏيون، ڀرون گهاٽيون ۽ چهرو کل مک هئن. سندن زندگي مبارڪ ۾ ستن عباسي خليفن جون حڪومتون ٿي گذريون امامت کان پهريان ”مامون“ ۽ ”معتصم“ حاڪم هئا، جڏهن ته امامت بعد معتصم، واثق، متوڪل، منتصر، مستعين ۽ معتز جون حڪومتون ٿي رهيون ۽ معتز جي حڪومت ۾ ئي جام شهادت نوش ڪيائون، متوڪل جي حڪومت ۾ کين مديني کان عراق جي شهر سامرا گهرايو ويو. سامرا تڏهن عباسين جو دارالخلافت هوندو هو، اتي امام عه زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين رهيا، سندن اولاد ۾ عالم اسلام جو يارهون امام حسن عسڪري عه، حسين، محمد، جعفر ۽ هڪ نياڻي بنام ”عليه“ جا نالا ملن ٿا، امام علي نقي عه جي زندگيءَ جو جيڪڏهن مطالعو ڪري ڏسبو ته سندن سموري عمر جائر حڪومت طرفان گُهٽ ۽ پابندين جو شڪار نظر ايندي، پر ائين ناهي ته اهڙي قسم جي صورتحال فقط ان امام لاءِ ئي هئي، بنو اميه توڙي بنو عباس جي مڙني حڪمرانن طرفان اهل بيت عه جي سڀني جوڌن لاءِ اهڙو ئي ماحول ايجاد ڪيل هو. انهن ستمگر حاڪمن جي حڪومت ۾ ايترو ته رعب ۽ دهشت قائم هئي جو عوام ۾ حڪومت جي خلاف ڳالهائڻ جي جرئت ئي نه هوندي هئي، نه رڳو ايترو پر اهل بيت عه جي گهراڻي جي امامن سان رابطو قائم ڪرڻ به سنگين ڏوهه شمار ڪيو ويندو هو، اهو ئي سبب هو جو امت جو وقت جي امام سان رابطو نهايت ئي ڏکيو ۽ مختصر هوندو هو، جهڙي طرح بيان ٿي چڪو ته امام علي نقي عه کي وقت جي حاڪم جي حڪم سان زوريءَ مديني مان دارالخلافه يعني سامرا گهرايو ويو. جتي کين شديد پابنديءَ واري ماحول ۾ رکيو ويو، انهن سمورين صعوبتن ۽ تڪليفن جي باوجود پاڻ ڪڏهن به وقت جي حڪومت توڙي حاڪم جي آڻ نه مڃي. ظاهر آهي ته هڪ اهڙي خدائي ۽ عوام ۾ مقبول شخصيت جي حڪومت سان عدم سازگاري وقت جي طاغوتي حڪومت لاءِ خوف جو سبب هئي. تڏهن ئي ته بنو عباس خاندان جا حڪمران هر وقت ان رنج ۾ مبتلا پيا رهندا هئا، انڪري هڪ ئي فيصلو ڪيائون ته خدا جي ان نور کي وسايو ۽ انهن بزرگن کي قتل ڪيو وڃي، ان ٽِڪ تحت ئي امام علي نقي عليه السلام پنهنجن وڏن جيان طبعي موت سان هن جهان مان برقعو نه مٽايو پر معتز جي خلافت واري زماني ۾ کين زهر ڏنو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ماهه رجب 254هجريءَ ۾ سامرا ۾ ئي شهيد ٿي ويا، سندن جسم اطهر کي سندن ئي گهر ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو، عالم اسلام تي سندن عظيم احسانن مان هڪ احسان سندن تعليم ڏنل مشهور زيارت ”زيارت جامعه“ آهي، جنهن ۾ پاڻ علم، معرفت، حڪمت، عقائد، عرفان ۽ الاهي عظمت جا واهڙ وهايا آهن. هن زيارت شريفه کي بزرگ عالمن جهڙوڪ شيخ صدوق (وفات 381هجري) ڪتاب ”من لايحضره الفقيه“ ۽ ”عيون اخبار الرضا“ ۾ ۽ شيخ طوسي (وفات460هجري) ڪتاب ”تهزيب الاحڪام“ ۾ نقل ڪيو آهي، امام نقي عليه السلام جي مشهور شاگردن ۾ حضرت عبدالعظيم حسني، حسين بن سعيد اهوازي ۽ فضل بن شاذان نيساپوري جا نالا وڏي اهميت رکن ٿا، امام عه جا فرمان آهن ته دنيا هڪ اهڙي بازار آهي جنهن ۾ ڪي ڪمائين ٿا ڪي هارائين ٿا، جنهن وٽ پنهنجي عزت ناهي متان تون سمجهين ته ان جي برائي کان محفوظ هوندين ۽ مسخري ۽ بيهودگي جاهلن ۽ بي عقلن جو ڪم آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو