231

لبيا ۾ سياسي بحران جو هڪ ڏهاڪو

ليکڪ: الطاف ابڙو

اتر آفريڪي ملڪ لبيا ۾ 2011ع ۾ ڪرنل معمر قذافي کي اقتدار تان هٽايو ويو ۽ بعد ۾ کيس بظاهر عوام طرفان گهيري قتل ڪيو ويو هو. جڏهن ته ملڪ ۾ جاري بغاوت کانپوءِ سندس پٽ به قتل ڪيا ويا هئا، پر سندس زال، وڏو پٽ محمد ۽ ڌيءُ عائشه سر بچائي ملڪ مان نڪري وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هئا. ان ڳالهه کي هاڻي هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي، هن وقت هڪ پاسي لبيا بحران ۾ ورتل آهي ته ٻئي پاسي معمر قذافيءَ جو خاندان به دنيا ۾ ٽڙي پکڙي چڪو آهي، لبيا جي اڳوڻي سربراهه 1970ع ۾ صفيه فرڪاش نالي هڪ نرس سان شادي ڪئي هئي، جنهن مان کيس 7 پٽ هئا، کيس هڪ پٽ پهرين زال مان به هو جنهن سان شادي گهڻو جٽاءُ نه ڪيو هو، قذافي جو اٽڪل سمورو اولاد اهم سرڪاري عهدن تي مقرر هئو، لبيا ۾ قذافيءَ جي اقتدار جي خاتمي کان پوءِ سندس 7پٽ ان بغاوت جي دوران ئي مارجي ويا هئا، انهن ۾ معتصم قذافي به شامل هو، معتصم قذافي لبيا جي فوج جو سيڪيورٽي چيف هو ۽ 1977ع ۾ پيدا ٿيو هو، هيءُ آخر تائين پنهنجي پيءُ سان گڏ رهيو ۽ باغين کيس 20 آڪٽوبر تي زندهه پڪڙي شوٽ ڪري ڇڏيو، هيءُ حڪمراني لاءِ پنهنجي ڀاءُ سيف الاسلام سان چٽاڀيٽي ۾ هو، بريقا شهر وٽ ٿيل لڙائي ۾ هن باغي فوج خلاف لبيا جي سرڪاري فوج جي قيادت ڪئي هئي، معتصم کي 20 آڪٽوبر 2011ع تي سرت ۾ ان ساڳي ڏينهن ئي قتل ڪيو ويو هو جڏهن ان جي پيءُ کي هڪ ”مڇريل ميڙ“ تشدد ڪري قتل ڪري ڇڏيو هو، قذافي جي هڪ ٻئي پٽ سيف العرب جو اپريل 2011ع ۾ نيٽو جي هوائي حملن ۾ موت ٿيو، سيف العرب جو جنم 1982ع ۾ ٿيو، هيءُ 30 اپريل تي پنهنجي گهر تي نيٽو جي هوائي جهازن جي بمباريءَ ۾ مارجي ويو هو، اِن گهر تي ٿيل بمباريءَ وقت قذافي پاڻ به گهر ۾موجود هو، پر هو بچي ويو، سيف العرب بابت گهٽ معلومات آهي سا به منفي قسم جي، هن جرمني جي ميونخ شهر مان تعليم پرائي ۽ نائٽ ڪلبن ۾ هنگامن ۽ ٽريفڪ ڀڃڪڙين ۾ به ملوث رهيو. خامس قذافي طرابلس ۾ قذافي جي گهر تي فضائي حملي ۾ مارجي ويو هو، قذافي جو هي پٽ عوام جي نظرن کان پري رهيو ۽ اهم سيڪيورٽي عهدي تي مقرر هو، ان واقعي جي 4 مهينن کانپوءِ جڏهن لبيا ۾ بغاوت اوج تي هئي ته هڪ ٻئي پٽ خامس کي به قتل ڪيو ويو، خامس 1983ع ۾ پيدا ٿيو هو، هن بابت اطلاع آهن ته هيءُ باغي فوجين هٿان ماريو ويو هو، هيءُ لبيا جي سڀ کان سخت فوجي يونٽ، جنهن کي ”خامس برگيڊ“ چيو ويندو هو ان جو ڪمانڊر هو. باغين سندس لاش هٿ اچڻ جي دعويٰ به ڪئي هئي، اهڙا به اطلاع آهن ته خامس قذافي طرابلس ۾ قذافي جي گهر تي فضائي حملي ۾ مارجي ويو هو، تڏهن به ان دوران قذافي خاندان جا ڪي ڀاتي بچي ويا هئا، انهن ۾ سندس زال صفيه ۽ سڀ کان وڏو پٽ محمد شامل آهن، جيڪو قذافي جي پهرين زال مان هو، قذافي جي ڌيءُ عائشه به بچي وئي هئي، جيڪا هن وقت الجزائر ۾ جلاوطنيءَ ۾ زندگي گذاري رهي آهي. عائشه 1976ع ۾ ڄائي، هيءَ شاهه خرچ، حسين ۽ فيشن جي شوقين هئي، هيءَ پيشي جي لحاظ کان وڪيل آهي ۽ صدام حسين جي دفاع جي ٽيم ۾ به شامل هئي، بعد ۾ هيءَ صدر بش کي پادر اڇلائي هڻندڙ عراقي صحافي منتظر الزيدي جي به وڪيل بڻي هئي، هيءَ لبيا اندر هڪ وڏو خيراتي ادارو به هلائيندي هئي، عائشه لبيا جي فوج ۾ ليفٽيننٽ جنرل به هئي، الجزائر فرار ٿيڻ بعد اُتي کيس هڪ ڌيءُ به ڄائي، قذافي کي هڪ گود ورتل ڌيءُ حنا قذافي پڻ هئي، جيڪا 1988ع ۾ قذافي جي محل تي اُن وقت جي آمريڪي صدر ريگن جي ڪرايل بمباري ۾ ماريل ڄاڻائي وئي هئي پر حقيقت ۾هوءَ اُن حملي ۾ صرف زخمي ٿي هئي ۽ برطانوي ڊاڪٽرن جي علاج بعد ٺيڪ ٿي وئي هئي، بعد وارن اطلاعن مطابق اها هن وقت برطانيه ۾ گمنام زندگي گذاري رهي آهي، پر قذافي جي پٽ سيف الاسلام جي حوالي سان اسرار قائم آهي، ڪنهن وقت سيف الاسلام کي قذافيءَ جو جانشين سمجهيو ويندو هو، جڏهن ته انٽرنيشنل ڪرائيم ڪورٽ طرفان مٿس مختلف الزامن سبب هو هڪ اشتهاري پڻ آهي. هيءُ 1972ع ۾ پيدا ٿيو هو. هن بغاوت کانپوءِ شام جي ٽي ويءَ تان هڪ وڊيو پيغام ۾ چيو هو ته ”مان لبيا ۾ آهيان ۽ پنهنجي والد جو پلاند ڪندس يا لبيا ۾ ئي پنهنجي جان ڏئي ڇڏيندس“. کيس آخر ۾ ”بني وليد“ شهر ۾ پنهنجي والد جي محل ۾ اهو اعلان ڪندي ڏٺو ويو هو ته هن باغين جي چيلهه ڀڃي وڌي آهي. جيتوڻيڪ باغين جي اسپيشل فورس ان اعلان کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ اعلان ڪيو هو ته، ”اِنهن کيس گرفتار ڪري ورتو آهي“. سيف الاسلام جيڪو هڪ انجنيئر هو ۽ 2008ع ۾ هن کي لنڊن اسڪول آف اڪنامڪس پي ايڇ ڊي جي ڊگري ڏني هئي، بعد ۾ ساڳي يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر، سيف الاسلام طرفان ڏيڍ ملين پائونڊن جي چندي قبول ڪرڻ واري انڪشاف تي استعفيٰ ڏئي ڇڏي هئي، سيف الاسلام لبيا جي اڳوڻي قابض ملڪ اٽليءَ کان لبيا کي معاوضو ڏياريو ۽ لبيا جي حڪومت اندر سڌاري جي اُميد ٿي ظاهر ٿيو هو ۽ ملڪ جو ”ڳجهو وزيراعظم“ سڏبو هو، پر ڪرنل قذافيءَ خلاف لبيا ۾ شروع ٿيل مظاهرن کي چيڀاٽڻ لاءِ هن پاڙيسري ملڪن مان سپاهي ڀرتي ڪيا ۽ هر ممڪن طريقي سان عوامي احتجاج کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي، آگسٽ 2011ع ۾ جڏهن لبيا جي گادي واري شهر طرابلس تي باغين جو قبضو ٿي ويو هو ته صفيه، محمد ۽ عائشه لبيا جي پاڙيسري ملڪ الجزائر ڏانهن لڏي ويا هئا. بعد ۾ اومان کين ان شرط تي پناهه ڏني هئي ته اهي اتي ڪي به سياسي سرگرميون نه ڪندا. اهڙو انڪشاف بعد اومان جي وزيرخارجه محمد عبدالعزيز 2013ع ۾ اي ايف پي سان ڳالهه ٻولهه وقت ڪيو هو. قذافي جي هڪ ٻئي پٽ هني بال به الجزائر ۾ پناه گهري هئي، ان کان اڳ هن لبنان ۾ پنهنجي لبناني ماڊل زال اليني ثقاف سان رهڻ جي به ڪوشش ڪئي هئي. پر لبناني اختيارين ان کي گرفتار ڪري ورتو هو. مٿس هڪ شيعه مولوي جي موسيٰ صدر بابت معلومات لڪائڻ جو الزام لڳايو ويو هو. موسيٰ صدر 1978ع ۾ پنهنجي لبيا جي دوري جي دوران غائب ٿي ويو هو. هني بال ۽ سندس زال جي حوالي سان 2008ع ۾ سئٽزرلينڊ ۾هڪ سياسي تڪرار به کڙو ٿيو هو. کين هڪ الجزائري   هوٽل ۾ ٻن گهرو ملازمن کي اختيارين تي حملي ڪرڻ وارن الزامن تحت گرفتار ڪيو ويو هو، قذافي جو هڪ ٻيو پٽ سعدي قذافي جيڪو پنهنجي عشقبازي جي ڪري مشهور هو. اهو ڪڏهن اٽلي ۾ پيشيور فٽبالر هوندو هو. بغاوت جي دوران هو ڀڄي نائيجريا هليو ويو هو. پر بعد ۾ کيس لبيا منتقل ڪيو ويو. هو بغاوت جي دوران قتل ۽ غارت گري جي سلسلي۾ گهربل هو. هن وقت هو طرابلس ۾ جي جيل ۾ آهي. مٿس 2011ع ۾ مظاهرين جي خلاف ڏوهن جو الزام آهي. ان کانسواءِ مٿس 2005ع ۾ لبيائي فٽبال الراياني جي قتل جا به الزام آهن، نومبر 2011ع ۾ قذافي جي موت کان پوءِ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هڪ لبيائي مليشيا سيف الاسلام کي گرفتار ڪري ورتو هو. چئن سالن کان پوءِ طرابلس جي هڪ عدالت سيف الاسلام جي غيرحاضري ۾ کيس بغاوت جي دوران ڪيل ڏوهن لاءِ موت جي سزا ٻڌائي. کيس پڪڙڻ واري هٿيار بند ٽولي 2017ع ۾ اعلان ڪيو ته سيف الاسلام کي آزاد ڪيو ويو آهي. پر ان دعويٰ جي ڪڏهن به آزاد ذريعن طرفان تصديق نه ٿي سگهي آهي. 2019ع ۾ انٽرنيشنل ڪرائم ڪورٽ جي وڪيلن چيو ته ان بابت پختي معلومات آهي ته سيف الاسلام اولهه لبيا جي جنتان واري علائقي ۾ آهي. پر جون 2014ع ۾ جنتان مان وڊيو ڪانفرنسنگ جي ذريعي طرابلس جي عدالت جي ڪارروائي ۾ حصو وٺڻ کان پوءِ نه ته سيف الاسلام وري ڪڏهن ڏٺو ويو نه ئي ان جو ڪو بيان ٻڌڻ ۾ آيو آهي. سندس حامين جو خيال آهي ته گهڻوڪري هي دشمن جي ور چڙهي ويو ۽ سندس زنده رهڻ جي اميد گهٽ آهي. پنهنجي اقتدار وارن ڏينهن ۾ قذافي پاڻ کي انقلابي اڳواڻ قرار ڏيندو هو ۽ لبيا کي هن جمهوريه قرار ڏنو هو، جتي مقامي سطح جا ادارا حڪومت جو ڪاروهنوار سنڀاليندا هئا، پر قذافي جي اقتدار ختم ٿيڻ کانپوءِ سندس هزارين حامي ملڪ ڇڏي مصر ۽ تيونس هليا ويا، جنهن ۾ سندس قذافي قبيلي وارا به کوڙ سارا ماڻهو شامل هئا. لبيائي قانون جي پروفيسر الحجرسي جو چوڻ آهي ته اهو ٻڌڻ ۾ عجيب لڳي ٿو پر قذافي جي دور ۾ قذافي قبيلو مشڪلاتن جو شڪار رهيو، جن قذافي جي مخالفت ڪئي انهن کي جيل ۾ وڌو ويو هو. ان حوالي سان ته قاهره ۾ قذافي جي حامين الجمهوريه ٽي نيٽ ورڪ کي ٻيهر شروع ڪيو آهي. اهو نيٽ ورڪ قذافي جي راڄ ۾ سندس حمايت ۾ پروپيگنڊا ڪندو هو. هن وقت لبيا به هڪ وڏي سياسي بحران ۾ ورتل آهي. جيتوڻيڪ علائقائي ۽ عالمي طاقتون بظاهر ان بحران کي حل ڪرڻ واريون ڪوششون ڪنديون رهيون آهن پر هن وقت تائين به لبيائي عوام جي مفادن بدران هر ڌر طرفان پنهنجن سياسي مفادن کي ترجيح ڏيڻ واري رجحان سبب هي بحران ڪو تڪڙو حل ٿيندو نظر نه اچي رهيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو