128

… ۽ هاڻي دادوءَ ۾ درندگي!

ايڊيٽوريل

ڪشمور ۽ پيرجوڳوٺ کانپوءِ هاڻي دادوءَ ۾ به درندگي جي هڪ اهڙي واقعي جنم ورتو آهي جنهن سموري سنڌ جو ڪنڌ شرم کان جهڪائي وڌو آهي. هي واقعو ڇاڻو شاهه آباد ڪالوني ۾ پيش آيو آهي، جتي هڪ وحشي جوابدار اياز پنهور چئن سالن جي معصوم نياڻي افشان شاهاڻي کي شيءِ بهاني گهر وٺي وڃي پنهنجي وحشيانيت جو نشانو بڻايو آهي. نياڻي جي اوچتو گم ٿيڻ کانپوءِ وارثن ڳولا ڪري کيس رتو رت حالت ۾ هٿ ڪيو ته سڄي پاڙي ۾ ڪهرام مچي ويو. معصوم نياڻي کي وومين پروٽيڪشن سيل آندو ويو. جس آهي سيل جي انچارج بينظير جمالي کي جنهن فوري طور تي هن معصوم نياڻي کي پنهنجي هنج ۾ ڪري علاج لاءِ اسپتال کڻي پهتي، پر افسوس اِهو آهي ته اتي به ڊاڪٽرياڻيون موجود نه هيون، جنهن کانپوءِ بينظير جمالي اسپتال جي هڪ ڊاڪٽرياڻي کي پاڻ ٻئي شعبي مان وٺي اچي ٻارڙي جو طبي معائنو ڪرايو. ان موقعي تي وڏي تعداد ۾ ماڻهو پڻ گڏ ٿي ويا. طبي معائني دوران نينگري سان ڏاڍائي جي تصديق ڪئي وئي. ميڊيڪل ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي عرفانا پيرزادو نياڻي جي حالت ڏسي روئي ڏنو. گائني وارڊ جي انچارج ڊاڪٽرياڻي جي هدايت تي ٻارڙي کي سخت سيڪيورٽي ۾ حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. هِن واقعي جو صحت جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو سخت نوٽيس وٺندي متاثر نياڻي جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. علائقي جي ايم اين اي رفيق احمد جمالي پڻ واقعي جو اطلاع ملندي ئي وارثن وٽ پهتو ۽ کين ڀرپور ساٿ جي خاطري ڪرائي. ايس ايس پي دادو اعجاز احمد شيخ پڻ سول اسپتال پهتو ۽ فوري طور تي جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو، جنهن کانپوءِ پوليس نينگريءَ جي چاچي جي مدعيت ۾ فرياد داخل ڪندي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، ايف آءِ آر ۾ دهشتگردي جا قلم پڻ شامل ڪيا ويا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار پنهنجي ڏوهه جو اعتراف پڻ ڪري ورتو آهي.

تهذيب ۽ روايتن جي امين سنڌ ڌرتي تي هڪ ٻئي پويان ٿيندڙ اهڙا واقعا انسانيت جي چهري تي بدنما داغ بڻجي اڀريا آهن، خبر ناهي ته اسان جي معاشري کي ڇا ٿي ويو آهي ۽ اسان ڪٿان کان ڪٿي پهچي ويا آهيون. سنڌ واحد سرزمين آهي جتي نياڻين کي ستن قرآنن جو درجو مليل آهي ۽ سنڌ جا ماڻهو نياڻين جي ميڙ تي خون سميت سڀ ڪجهه معاف ڪري ڇڏين ٿا پر افسوس آهي ته تاريخ جي هِن موڙ تي سنڌ ۾ وحشيانيت ۽ درندگيءَ جو هڪ اهڙو دور هلي پيو آهي جو اسان وٽ نياڻين سميت معصوم ٻارڙين جون به عزتون محفوظ ناهن، ڪنهن نه ڪنهن علائقي ۾ روز اهڙا واقعا جنم وٺي رهيا آهن جن سماج ۾ جهالت جا نوان مثال قائم ڪيا آهن. دنيا جيترو تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي اوترو ئي اسان جو معاشرو جهالت ڏانهن وڌي رهيو آهي، ان جو مک سبب اهو آهي ته اسان وٽ نه انسانيت رهي آهي نه قانون ۽ نه ئي وري انصاف، جنهن ڪري ماڻهو درندگيءَ جو روپ اختيار ڪري رهيا آهن. معاشرن جي جن کي تعمير ڪرڻي آهي ۽ بهترين روايتون قائم ڪرڻيون آهن، هن معاشري کي جهالت مان آزاد ڪرائڻو آهي اهي پنهنجن مسئلن ۾ پورا آهن ۽ کين ان طرف ڌيان ڏيڻ لاءِ وقت ڪونهي، جنهن سبب هي معاشرو جهالت ۽ درندگيءَ ۾ وڪوڙجي رهيو آهي. سوال اِهو آهي ته هي سلسلو ڪيستائين هلندو؟ هِن درندگيءَ ۽ جهالت کي نه روڪيو ويو ته پورو معاشرو ان جي وڪڙ ۾ اچي ويندو ۽ ان کان ڪير به محفوظ نه رهي سگهندو. اسان جو الميو اُهو آهي ته فقط واقعي تي معاشرو ۽ انتظاميا گڏ ٿئي ٿو ۽ ان جي ٻئي ڏينهن تي ان کي وساريو وڃي ٿو. جيڪڏهن انهن واقعن ۾ ملوث ماڻهن کي عبرتناڪ انجام تي پهچايو وڃي ته بار بار اهي ڏينهن نه ڏسڻا پوندا، پر بدقسمتي اِها آهي ته اهڙن واقعن کي قسمت سمجهي قبول ڪيو پيو وڃي، جنهن ڪري هر ٻئي ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن معصوم نياڻي جي عزت داءَ تي لڳي ٿي. اميد آهي ته دادو واقعي جي جوابدار کي عبرتناڪ سزا ڏني ويندي ته جيئن مستقبل ۾ ڪو اهڙي درندگي ورجائڻ جي جرئت نه ڪري.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو