250

مڙس ۾ جن نظر اچي ٿو: عورت طلاق وٺڻ لاءِ عدالت پهچي وئي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست مڌياپرديش جي هڪ فيملي ڪورٽ ۾ عجب ۾ وجهندڙ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي آهي. گوالير جي فيملي ڪورٽ ۾ هڪ عورت درخواست داخل ڪرائيندي ڄاڻايو آهي ته جڏهن به سندس مڙس ڪمري ۾ داخل ٿئي ٿو ته مون کي جن نظر اچي ٿو. خاتون مطابق مون کي خدشو آهي ته جن مون کي قتل ڪري ڇڏيندو، ان لاءِ مان پنهنجي مڙس کان طلاق وٺڻ چاهيان ٿي. رپورٽن مطابق ڄاڻايل جوڙي جي شادي 2018ع ۾ ٿي هئي، جن نظر اچڻ واري ڳالهه جڏهن کان زال پنهنجي مڙس کي ٻڌائي آهي تڏهن کان ٻنهي وچ ۾ جهيڙا روز جو معمول بڻيل آهي، جنهنڪري زال طلاق لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو. زال طلاق واري درخواست سان گڏ مڙس کان هرجاڻو به گهريو آهي جنهن لاءِ هن الڳ درخواست داخل ڪرائي آهي. ڪيس جي ٻڌڻين جو سلسلو جاري آهي، هن وقت تائين اهڙي عجيب غريب قسم جي ڪيس جو فيصلو ناهي ٿي سگهيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو