242

سينيٽ چونڊون: پي ٽي آءِ اڳواڻ فيصل واوڊا جا نامزدگي ڪاغذ منظور

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن سينيٽ چونڊن لاءِ تحريڪ انصاف اڳواڻ فيصل واوڊا جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪري ورتا آهن. پاڪستان تحريڪ انصاف اڳواڻ ۽ وفاقي وزير فيصل واوڊا سينيٽ چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ جي سلسلي ۾ ڪراچي ۾ اليڪشن ڪميشن سنڌ جي آفيس ۾ پيش ٿيو. فيصل واوڊا جي اليڪشن ڪميشن آفيس اچڻ وقت پي ٽي آءِ ۽ پيپلز پارٽي جا ڪارڪن موجود هئا، جنهن دوران ٻنهي ڌرين وچ ۾ ڇڪتاڻ پڻ پيدا ٿي. ٻنهي پارٽين جي ڪارڪنن هڪٻئي خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ان دوران امن امان واري صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ پوليس جو وڏي نفري مقرر ڪئي وئي هئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو