اسڪردو (ويب ڊيسڪ) ڪي ٽو تي گم پاڪستاني جبل چاڙهو علي سدپاره جي پٽ ساجد سدپاره پنهنجي پيءُ جي موت جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. پاڪستاني جبل چاڙهو محمد علي سدپاره ڪي ٽو جبل تي چڙهڻ واري مهم ۾ مصروف هو ۽ ان مهم ۾ سندس پٽ ساجد سدپاره سوڌو پرڏيهي جبل چاڙهو به ساڻس گڏ هئا. 5 فيبروري تي ساجد سدپاره آڪسيجن سلينڊر ۾ مسئلي سبب واپس پنهنجي ڪئمپ پهتو، پر سندس پيءُ نه موٽيو. محمد علي سدپاره ۽ ٻين پرڏيهي جبل چاڙهوئن جي ڳولا لاءِ پاڪ فوج ۽ ٻين ادارن ريسڪيو آپريشن به ڪيو پر جبل چاڙهوئن جي پتو نه پيو. رپورٽن مطابق گلگت بلتستان جي سياحت واري وزير راجا ناصر خان ۽ علي سدپاره جي پٽ ساجد سدپاره گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي، جنهن ۾ ساجد سدپاره پنهنجي پيءُ محمد علي سدپاره جي موت جي تصديق ڪئي. ساجد سدپاره جو چوڻ هو ته هو پنهنجي پيءَ جي مشن کي جاري رکندو ۽ ان جو خواب پورو ڪندو. هن چيو ته ريسڪيو آپريشن ۾ وزيراعظم عمران خان، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ عسڪري ايوي ايشن جي بهادر پائيلٽن جو ٿورائتو آهيان. واضح رهي ته پاڪستان جي هيرو محمد علي سدپاره دنيا جي 14 بلند چوٽين مان 8 کي مڪمل ڪرڻ جو اعزاز حاصل ڪيو هو.
