240

هڪ سال دوران پرڏيهي قرضن ۾ 5 ارب هڪ ڪروڙ ڊالر جي واڌ ٿي: اسٽيٽ بئنڪ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هڪ سال دوران پاڪستان جي پرڏيهي قرضن ۾ 5 ارب هڪ ڪروڙ ڊالر جي واڌ ٿي آهي. اسٽيٽ بئنڪ پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابق پاڪستان جو پرڏيهي قرض گذريل ڊسمبر تائين 115 ارب 76 ڪروڙ ڊالر ٿي ويو آهي. مرڪزي بئنڪ مطابق ڊسمبر 2019ع ۾ اهو قرض 110 ارب 72 ڪروڙ ڊالر هو، 2020ع ۾ پاڪستان جي پرڏيهي قرضن ۾ 5 ارب هڪ ڪروڙ ڊالر جو اضافو ٿيو. اسٽيٽ بئنڪ مطابق هلندڙ مالي سال جي پهرين ڇهن مهينن ۾ پاڪستان جي پرڏيهي قرضن ۾ 3 ارب ڊالر جو اضافو ٿيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو