لاهور (ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت ن ليگ اڳواڻ خواجا آصف جي عدالتي رمانڊ ۾ 2 مارچ تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. خواجا آصف خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس جي ٻڌڻي لاهور جي احتساب عدالت ۾ ٿي. جيل سپرنٽينڊنٽ عدالت کي ٻڌايو ته حراست هيٺ جوابدار جو اسپتال ۾ علاج هلندڙ آهي، خواجا آصف کي هڪ ڏينهن حاضري کان ڇوٽ ڏني وڃي. عدالت جيل سپرنٽينڊنٽ جي اپيل منظور ڪندي خواجا آصف کي هڪ ڏينهن لاءِ حاضري کان ڇوٽ ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. احتساب عدالت خواجا آصف جي عدالتي رمانڊ ۾ 2 مارچ تائين واڌ پڻ ڪري ڇڏي آهي.
222