ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي صورتحال بيان ڪندي چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس ۾ مبتلا 4 مريضن دم ڏنو آهي، جڏهن ته 361 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن ۽ 659 ڄڻا مرض مان صحتياب ٿي چڪا آهن. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ظاهر ٿيل 361 ڪيسن مان 210 مريضن جو تعلق ڪراچي سان آهي، جڏهن ته حيدرآباد ۾ 32، ميرپورخاص ۾ 14، ڪشمور ۾ 13، بدين ۾ 11، مٽياري ۾ 10، نوابشاهه ۾ 9، لاڙڪاڻي ۾ 8، گهوٽڪي ۾ 7، جيڪب آباد ۽ ٽنڊومحمد خان ۾ 6_6، سانگهڙ ۾ 4، قمبر، سجاول، ٽنڊوالهيار، نوشهروفيروز ۽ خيرپور ۾ 3_3 ۽ دادو ۽ شڪارپور ۾ هڪ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.
224