237

سينيٽر مشاهد الله خان جو وڇوڙو: آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو پاران ڏک جو اظهار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سينيٽر مشاهد الله خان  جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته مشاهد الله خان جي وفات تي خبر ٻڌي تمام گهڻو صدمو پهتو آهي. هنن مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ پوئينرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري پاڪستان مسلم ليگ (ن) سان مشاهد الله خان جي وفات تي دلي تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو