168

ڊونلڊ ٽرمپ خلاف ووٽ ڏيندڙ ري پبلڪن ميمبرن کي پارٽي طرفان پڇاڻو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي سينيٽ ۾ اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽرائل دوران هن خلاف ووٽ ڏيندڙ 7 ري پبلڪن سينيٽ ميمبرن ۽ نمائندن واري ايوان جي 10 ميمبرن کي رياستي ۽ مقامي ري پبلڪن عهديدارن طرفان پڇا ڳاڇا کي منهن ڏيڻو پيو آهي. رياست نارٿ ڪيرولائنا ۽ لوزيانا جي مقامي ري پبلڪن عهديدارن طرفان اڳوڻي صدر ٽرمپ خلاف ووٽ ڏيندڙ 2 ري پبلڪن سينيٽرن رچرڊبر ۽ بل ڪيسيڊي جي قدمن جي مذمت ڪئي پئي وڃي. نارٿ ڪيرولائنا مان اسٽيٽ ري پبلڪن چيئرمين مائيڪل واٽلي ٻڌايو ته کيس سينيٽر رچرڊبر جي ان قدم تي مايوسي ٿي آهي. رياست لوزيانا ۾ پڻ مقامي ري بپلڪن ايگزيڪٽو ڪميٽي بل ڪيسيڊي جي ان عمل کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو آهي. 5 رياستن جي ري پبلڪن عهديدارن پڻ انهن 5 ري پبلڪن سينيٽرز جي مذمت ڪئي آهي، جن ٽرمپ جي سينيٽ ۾ ٽرائل جي حق ۾ ووٽ ڏنو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو