ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته ملير جي عوام پوري پاڪستان کي ٻڌائي ڇڏيو ته ان ڪٺ پتلين جي ڇا حيثيت آهي. ملير ۾ تقريب کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته ملير جي عوام پوري پاڪستان کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته ان ڪٺ پتلين جي ڇا حيثيت آهي، هتان جي عوام بني گالا جي حڪمرانن جي ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن، ايندڙ اليڪشن ۾ تحريڪ انصاف جي اميدوارن جون ضمانتون ضبط ٿينديون. بلاول ڀٽو زرداري جو وڌيڪ چوڻ هو ته حڪمت سينيٽ چونڊون ڌانڌلي ذريعي ڪرائڻ چاهي ٿي پر اسان ڪنهن کي به سينيٽ چونڊن ۾ ڌانڌلي جي اجازت نه ڏينداسين، حڪمران ننڍي چونڊ ۽ سينيٽ چونڊن کان به پريشان آهن، حڪومتي ميمبر ڄاڻين ٿا ته هي حڪومت وڃي رهي آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جمهوريت ڪنهن فرعون جي حڪم تي نه آئين مطابق هلندي آهي، مارچ ۾ مارچ ٿيندو ۽ اسلام آباد پهچي انهن کان عوام جا حق کسي وٺنداسين. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اوپن بيلٽ هجي يا ڳجهي ووٽنگ، اسان هر قسم جي سينيٽ چونڊ لاءِ تيار آهيون، توهان پنهنجي تياري پڪڙي وٺو، حڪومت وٽ اڪثريت آهي ته سينيٽ ۾ چور دروازي کان ڇو ٿي اچڻ چاهي. هن چيو ته عمران نيازي کي چور دروازي مان سينيٽ ۾ اڪثريت ڏيارڻ جي ڪير به همت نه ڪري، حڪمران ننڍي چونڊ ۾ ايترو پريشان ٿي ويا آهن جو سينيٽ چونڊن کي تڪراري بڻائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن ۽ سپريم ڪورٽ جي ڪلهن تي بندوق هلائڻ گهرن ٿا. هن چيو ته جمهوري طاقتون سينيٽ چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪرڻ نه ڏينديون، هارس ٽريڊنگ واري وڊيو ۾ پي ٽي آءِ جو پئسو پي ٽي آءِ اڳواڻن کي ڏنو پيو وڃي، مخالف ڌر تي ڪهڙي منهن سان الزام مڙهيو پيو وڃي.
248