250

اليڪشن ڪميشن جو سينيٽ چونڊون شفاف بڻائڻ لاءِ اميدوارن کان قسم نامون وٺڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن سينيٽ چونڊون شفاف بڻائڻ لاءِ اميدوارن کان قسم نامون وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سينيٽ چونڊن ۾ اميدوارن کان قسم نامون پهريون ڀيرو ورتو پيو وڃي، اميدوار چونڊن ۾ ڪرپٽ پريڪٽس، آئين ۽ قانون جي خلاف ورزي نه ڪرڻ جو بيان جمع ڪرائيندا. اليڪشن ڪميشن پاران تيار ڪيل قسم نامي جو ڊرافٽ سامهون اچي ويو آهي، جنهن ۾ سينيٽ اميدوار ٽڪيٽ تي پئسا نه ڏيڻ جو يقين ڏياريندو. اميدوار ووٽ جي خريد ۽ وڪري لاءِ ڪنهن به ريت پئسن جو استعمال نه ڪرڻ وارو يقين لکت ۾ پيش ڪندو ۽ ان جيڪڏهن پارٽي ٽڪيٽ بابت رقم ڏني آهي ته اليڪشن ڪميشن کي آگاهه ڪندو. اميدوار اليڪشن ڪميشن کي ڪنهن به ريت اڪائونٽن جي جاچ جي اجازت ڏيندو ۽ اليڪشن ڪميشن کي لکت ۾ ضابطا اخلاق تي عملدرآمد ڪرڻ جو يقين ڏياريندو، اميدوار اوٿ ڪمشنر کان تصديق ٿيل قسم نامون جمع ڪرائيندو، جنهن تي اميدوار جي صحيح، آڱوٺي جو نشان ۽ سڃاڻپ ڪارڊ نمبر لکيل هوندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو