134

کليل ووٽ سان هارس ٽريڊنگ ختم ٿيندي يا نه ڪجهه نٿا چئي سگهون، افسوس جو سياسي پارٽيون معاهدي تان ڦري ويون: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(بيور رپورٽ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته افسوس آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن ميثاق جمهوريت معاهدي تان ڦِري ويون. هن چيو ته معاهدو ووٽ جي ڳجهي طريقي کي ختم ڪرڻ هو پر هاڻ سياسي پارٽيون ان تي عمل نه پيون ڪن. سپريم ڪورٽ ۾ خميس ڏينهن پڻ سينيٽ جون چونڊون کليل ووٽ سان ڪرائڻ بابت صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي ٿي. ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب اٽارني جنرل آف پاڪستان خالد جاويد جي دليلن سان اتفاق ڪندي چيو ته اسيمبلي ميمبر پارٽي جي نظم و ضبط جا پابند آهن، ڀڃڪڙي تي ڪارروائي ٿي سگهي ٿي. چيف جسٽس جي پڇاڻي تي اٽارني جنرل خالد جاويد خان چيو ته پارٽي جي خلاف ووٽ ڏيڻ تي ڪابه سزا نه آهي، جنهنه کي پر پارٽي جي خلاف ووٽ ڏيڻو آهي سو کليل نموني ڏئي سگهي ٿو، نااهلي جي سزا رڳو ووٽن جي وڪري ۽ خريداري تي ٿي سگهي ٿي، پارٽي پاليسي جي خلاف ووٽ ڏيڻ تي نه. ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب جا دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سلطان طالب الدين دليلن ۾ چيو ته هارس ٽريڊنگ جو سڀني ٻڌو آهي، ثبوت ڪنهن وٽ به نه آهن، عدالت کي سياسي سوالن کان پري رهڻ گهرجي. ان تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته آئين هڪ سياسي دستاويز آهي، آئيني تشريح ڪرڻ وقت عدالت سياسي ڪم پئي ڪندي آهي. ان تي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته کليل ووٽ سان هارس ٽريڊنگ ختم ٿيڻ جي ڪا به پڪ نه آهي. چيف جسٽس چيو ته کليل ووٽ سان هارس ٽريڊنگ ختم ٿيندي يا نه ڪجهه نٿا چئي سگهون، افسوس آهي پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن پنهنجي ئي معاهدي تان ڦِري ويون، ميثاق جمهوريت ۾ ڳجهي طريقيڪار کي ختم ڪرڻ جو معاهدو ڪيو پر ٻئي پارٽيون هاڻ ان تي عمل نه پيون ڪن. ان موقعي تي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ آئين ۾ترميم بابت اليڪشن ڪميشن جي موقف جي تائيد ڪندي چيو ته آئين جي آرٽيڪل 226 ۾ ترميم کان سواءِ وفاقي حڪومت جي خواهش پوري نٿي ٿي سگهي. عدالت پاڻ کي سياست کان مٿانهون رکي ۽ اليڪشن ڪميشن کي پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ ڏي، سپريم ڪورٽ جو دائرو ايڊوائزري آهي، عدالت رڳو اٿاريل سوالن جا جواب ڏئي سگهي ٿي.  ايڊووڪيٽ جنرل بلوچستان، پنجاب، خيبرپختونخوا۽ اسلام آباد به اٽارني جنرل آف پاڪستان جي دليلن جي تائيد ڪئي.چيف جسٽس پاڪستان چيو ته آرٽيڪل 63 اي سينيٽ چونڊن تي لاڳو نٿو ٿئي، آرٽيڪل 59 ۾ ڳجهي ووٽنگ جو ڪو به ذڪر نه آهي. جسٽس اعجازالاحسن چيو ته ووٽ کي ڳجهو رکڻ ڏوهه کي هٿي ڏيڻ ٿيندو، ڳجهي ووٽنگ ۾ نمائندگي متناسب نه ٿي ته اها آئين جي ڀڃڪڙي ٿيندي.  ريفرنس تي وڌيڪ ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو