اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ڊي ايم پنهنجو رٿيل لانگ مارچ حڪومت ختم ٿيڻ تائين جاري رکڻ جو فيصلو ڪندي ان لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ان سلسلي ۾ خميس ڏينهن پي ڊي ايم جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪنوينر احسن اقبال جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ لانگ مارچ جي تيارين ۽ اهو جاري رکڻ جي مدي بابت مشاورت ڪئي وئي. اجلاس کان پوءِ پي ڊي ايم جي اڳواڻ ميان افتخار حسين چيو ته پي ڊي ايم سمجهي ٿو ته سينيٽ جي چونڊن ۾ کليل ووٽ جو واحد حل آئيني ترميم آهي، اليڪشن ڪميشن جي راءِ درست آهي ته آئيني ترميم ئي ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته پي ڊي ايم لانگ مارچ جي لاءِ پنج رڪني ڪميٽي قائم ڪئي آهي جنهن ۾ احسن اقبال، نئير بخاري، مير ڪبير شاهي، ميان افتخار حسين ۽ اڪرم دراني شامل آهن. 26 مارچ تي سڄي ملڪ مان لانگ مارچ شروع ٿيندو، ان کان اڳ شاهد خاقان عباسي جي قيادت ۾ صوبن جا دورا ڪيا ويندا، سمورين مزدورن تنظيمن سان رابطو ڪيو ويندو. ميان افتخار حسين چيو ته لانگ مارچ جو نالو قومي مارچ ۽ مهانگائي مارچ هوندو.
125