122

سينيٽ اليڪشن: پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ جو هڪ هڪ اميدوار بنا مقابلي ڪامياب

لاهور(م ڊ) سينيٽ جي ٻن سيٽن تي 2 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن، ٽيڪنوڪريٽ پنجاب مان پي ٽي آءِ جو علي ظفر ۽ ن ليگ جو اعظم نذير تارڙ ڪامياب ٿيل اميدوارن ۾ شامل آهن، پنجاب ۾ 29 مان 5 اميدوار سينيٽ مان آئوٽ ٿي ويا، جڏهن ته 21 جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن، ٻن اميدوارن جا نامزدگي فارم رد ٿي ويا، جڏهن ته نيلم ارشاد جنرل سيٽ تان نامزدگي ڪاغذ واپس وٺي ڇڏيا، اليڪشن ڪميشن موجب ٽيڪنوڪريٽ جي سيٽ تي اعظ۾ نذير تارڙ جي مقابلي ۾ پي ٽي آءِ جي عطا الله نامزدگي ڪاغذ واپس ورتا جڏهن ته عورتن جي سيٽن تي ٽن اميدوارن ۾ مقابلو ٿيندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو