اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي بجلي جي اگهن ۾ 92 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي آهي. رپورٽن مطابق حڪومت عوام تي هڪ ڀيرو ٻيهر بجلي بم ڪيرائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي) نيپرا ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي. جنهن کانپوءِ بجلي جي اگهن ۾ 92 پئسا في يونٽ واڌ جو امڪان آهي. سي پي پي اي مطابق بجلي جي اگهن ۾ واڌ ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي پئي وڃي، سي سي پي اي درخواست ڪئي آهي ته جنوري ۾ 7 ارب 72 ڪروڙ يونٽ بجلي پيدا ٿي، بجلي جي پيداواري لاڳت 51 ارب 66 ڪروڙ رپيا رهي، بجلي جي پيداوار تي فيول لاڳت جو ڪاٿو 5 رپيا 75 پئسا في يونٽ لڳايو ويو هو. سي سي پي اي مطابق جنوري ۾ فيول لاڳت 6 رپيا 68 پئسا في يونٽ رهي، 18 رپيا 94 پئسا في يونٽ مهانگي ترين بجلي ڊيزل سان پيدا ڪئي وئي، فرنس آئل سان 12 رپيا 34 پئسا في يونٽ بجلي پيدا ٿي، ايل اين جي سان 8 رپيا ۽ قدرتي گئس سان 7 رپيا في يونٽ بجلي پيدا ٿي، 27 پئسا في يونٽ بجلي لائن لاسز جي ور چڙهي وئي. نيپرا بجلي جي اگهن ۾ واڌ بابت درخواست تي 25 فيبروري تي ٻڌڻي ڪندي ۽ منظوري جي صورت ۾ واهپيدارن تي 9 ارب رپين کان وڌيڪ جو واڌو بار پوندو.
156