130

ڪوئيٽا باءِ پاس تي ڌماڪو، ايف سي اهلڪار شهيد، 3 ڄڻا زخمي

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا جي اوڀر باءِ پاس تي ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ ايف سي اهلڪار شهيد ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. رپورٽن مطابق ڪوئيٽا جي اوڀر باءِ پاس تي اوچتو ڌماڪو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ايف سي جا 4 اهلڪار زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هڪ ڄڻي دم ڏنو. ٻئي پاسي گهرو وزارت لاڳاپيل عملدارن کان واقعي جي 24 ڪلاڪن اندر رپورٽ طلب ڪندي زخمين کي بهترين طبي سهولتون ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو