لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ پرويز رشيد سينيٽ لاءِ نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ واري عمل کي چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. پرويز رشيد لاهور هاءِ ڪورٽ جي اليڪشن ٽربيونل ۾ اپيل داخل ڪئي آهي، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ رٽرننگ آفيسر کي ڌر بڻايو ويو آهي. پرويز رشيد پنهنجي اپيل ۾ چيو آهي ته رٽرننگ آفيسر غيرقانوني طور تي نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا، اعتراض ختم ڪرڻ لاءِ دليل پيش ڪيا پر اعتراض ختم نه ڪيا ويا. اپيل ۾ وڌيڪ چيو ويو ته اليڪشن ڪميشن قانون جي ابتڙ نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا، مان اليڪشن ڪميشن جي اعتراض تي رقم جمع ڪرائڻ لاءِ تيار آهيان. پرويز رشيد درخواست ۾ اليڪشن ٽربيونل کان رٽرننگ آفيسر جي نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ واري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي اپيل ڪئي.
155