180

پوليس جي اپيل رد: عدالت حليم عادل شيخ کي جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ کي جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو آهي. پوليس حليم عادل شيخ جي جسماني رمانڊ پوري ٿيڻ تي کيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت پيش ڪيو، ان موقعي تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن سان گڏ وفاقي وزير فيصل واوڊا به عدالت پهتو، جڏهن ته پوليس پاران سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا. ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر عدالت کان حليم عادل شيخ جي جسماني رمانڊ ۾ واڌ جي اپيل ڪندي چيو ته حليم عادل شيخ سان گڏ آيل ڏوهاري فرار آهن ۽ انهن جي گرفتاري گهربل آهي. جاچ آفيسر جو چوڻ هو ته واقعي ۾ استعمال ٿيندڙ گاڏيون به هٿ ڪرڻيون آهن، ان ڪري جسماني رمانڊ ڏنو وڃي. ان موقعي تي حليم عادل شيخ جي وڪيل مخالف ڌر اڳواڻ جي ڪمري مان نانگ نڪرڻ واري واقعي کان عدالت کي آگاهه ڪيو. حليم عادل جي وڪيل جسماني رمانڊ جي مخالفت ڪندي چيو ته هي سياسي انتقام جو ڪيس آهي، ڪو دهشتگردي جو نه، ان ڪري دهشتگردي جا قلم لڳائڻ بدنيتي آهي. عدالت سرڪاري وڪيل ۽ حليم عادل شيخ جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ مخالف ڌر اڳواڻ جي جسماني رمانڊ واري پوليس جي اپيل رد ڪندي حليم عادل شيخ کي 25 فيبروري تائين عدالتي رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو. عدالت جاچ آفيسر کي ايندڙ ٻڌڻي تي ڪيس جو چالان جمع ڪرائڻ جي پڻ هدايت ڪئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو