اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جسٽس اعجاز الاحسن رمارڪس ڏنا آهن ته سياسي پارٽين جي اتحاد سان برابر نمائندگي تي فرق نه پوندو، ڪنهن پارٽي کي اتحاد ڪرڻو آهي ته سرعام ڪري. چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بئنچ سينيٽ چونڊن بابت صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل جواب ڏنو ته ووٽرن لاءِ ضابطا اخلاق جمع ڪرائي چڪا آهيون. پيپلز پارٽي اڳواڻ رضا رباني دليل شروع ڪندي چيو ته سينيٽ جوڙڻ جو مقصد سمورن صوبن جي برابر نمائندگي آهي، پارلياماني نظام ۾ ٻئي ايوان ڪڏهن به اتفاق راءِ سان نٿا هلن، لازمي ناهي ته وفاق ۾ حڪومت ٺاهيندڙ پارٽي جي صوبن ۾ به اڪثريت هجي، مخالف پارٽين جي اتحاد سان به سينيٽ ۾ سيٽن جي برابري تبديل ٿي سگهي ٿي، برابر نمائندگي واري نقطي تي تفصيلي موقف ڏيندس. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته برابر نمائندگي جو ذڪر آرٽيڪل 51 ۽ آرٽيڪل 59 ٻنهين ۾ آهي، سياسي پارٽين جي اتحاد سان به برابر نمائندگي تي فرق نه پوندو، ڪنهن پارٽي کي اتحاد ڪرڻو آهي ته سرعام ڪري. رضا رباني چيو ته برابر نمائندگي جي عدالت جيڪا تشريح ڪري رهي آهي اها آئيڊيل حالتن واري آهي، سياسي معاملا ڪڏهن آئيڊيل ناهن هوندا، پنجاب ۾ تحريڪ انصاف ۽ مسلم ليگ ق جو اتحاد آهي، پي ٽي آءِ سينيٽ ۾ ق ليگ کي به سينيٽ جي سيٽ ڏني آهي. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته سينيٽ ۾ سياسي پارٽي جي نمائندگي صوبي ۾ برابري جي بنياد تي هجڻ گهرجي. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ڪيترائي ڀيرا سياسي پارٽيون ٻئي صوبن جي پارٽين سان به ايڊجسٽمينٽ ڪنديون آهن، صوبن وچ ۾ اتحاد به هجي ته ڳجهو رکڻ ڇو ضروري آهي؟ رضا رباني جواب ڏنو ته هارس ٽريڊنگ ۽ سياسي اتحاد ۾ فرق آهي، سياسي اتحاد عام طور تي ڳجهو ئي هوندو آهي، ڪو انفرادي شخص سينيٽ ميمبر بڻجڻ چاهي ته هارس ٽريڊنگ ٿي سگهي ٿي. عدالت صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
174