125

معاشري ۾ وڌندڙ عدم برداشت ۽ ان جا ڪارڻ…

ليکڪ: سمير ساگر قريشي

پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جتي 70 سيڪڙو عورتون ۽ ڇوڪريون گهرو طور  جسماني يا جنسي تشدد جو تجربو رکن ٿيون ۽ 93 سيڪڙو عورتون پنهنجي عمر ۾ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان جنسي تشدد جو ٿورو گهڻو نشانو بڻجي چڪيون آهن. پاڪستان جي اڪثر عورتن ۽ ٻارن سان ڳالهھ ٻولهه ڪرڻ سان خبر پوي ٿي ته تعليم يافتا گھريلو ماحول ۾ به اھو ساڳيو ئي عمل ڪيو پيو وڃي. ان مان ثابت ٿيو ته جيتوڻيڪ اھي تعليم يافتا آھن، پر تربيت يافتا نه آهن، تعليم اسان کي ڄاڻ ڏئي ٿي پر تربيت اسان کي ڳالهھ ٻولهھ ۽ معاشري ۾ اخلاقي طريقي سان پيش اچڻ سيکاري ٿي، تربيت گھڻي قدر اسان پنھنجي ماحول ۽ گھر مان سکندا آھيون. پر جيڪڏهن گھر ۾ ئي اھڙو تشدد پسند ماحول هوندو ته اسان جي نسل جي ڪھڙي تربيت ٿيندي، ورلڊ اڪنامڪ فورم جي مطابق ، اسان جي موجوده رفتار تي صنفي فرق کي ختم ڪرڻ ۾ وڌيڪ 169 سال لڳندا. هيلپ لائن تي رپورٽ ٿيل ڪل ڪيسن ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر عورتن جي شرح 56 سيڪڙو آھي، ڇوڪرين جي طرفان رپورٽ ٿيل ڪيس 16 سيڪڙو ، 15 سيڪڙو ڇوڪرن ۽ 13 سيڪڙو مردن جا آھن، سنڌ مان 7،561 ڪيس رپورٽ ٿيا. بدامني، ٽارگيٽ ڪلنگ ، غير قانوني ڪمن، قانون جي حڪمراني جي غير موجودگي ۽ مجموعي طور تي سماجي ثقافتي ۽ مذهبي رڪاوٽن وارا ماڻهو خاص طور تي عورتن ۽ ڇوڪرين کي اڳتي وڌڻ ۽ انهن جي خلاف تشدد جي رپورٽ ڪرڻ کي روڪن ٿا. 2،251 گم ٿيل ٻارن ، 213 گم ٿيل عورتن ، 792 ذهني تشدد ، 5 عصمت دري ، 10 جنسي هراساني ، 7 جنسي زيادتي ۽ 5 اسمگلنگ جا ڪيس. ھلندڙ ٿورڙي عرصي ۾ رپورٽ ٿيا آھن. عورتن تي سڀ کان وڌيڪ تشدد جو جرم عام طور تي پاڪستان ۾ ٿي رھيو آھي. پاڪستان جي قانون جهڙوڪ ٻارن جي شادي ، جنسي تشدد ، گهريلو تشدد ، ڪارو ڪاري ، اغوا ۽ هراسان ڪرڻ تي سخت پابندي آهي. پر ان قانون تي عمل نه پيو ڪيو وڃي. ٻار ۽ نوجوان خاص طور تي خطري ۾ آهن. معاشري ۾ عورتن ۽ ڇوڪرين تي تشدد ، لڄالٽ ، نام ، تيزاب حملا ، گهريلو تشدد ، ۽ جبري شادي سميت سنگين مسئلا آهن. پاڪستاني ڪارڪنن جو اندازو آهي ته هر سال لڳ ڀڳ 1،000 ڪاروڪاري وارا قتل ٿين ٿا ،هر سال ھزارن جي تعداد ۾ 3 سالن کان 40 سال جي عمر وارين عورتن سان زنا ڪئي پئي وڃي. غير مسلم عورتن کي مسلمان ڪري شادي ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي. اهڙي جبري شادي کي روڪڻ لاءِ حڪومت کي قانون لاڳو ڪرڻا پوندا. تشدد هر جڳهه تي موجود آهي، اهو گهر هجي، آفيس، اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽي، عوامي جاءِ، گهٽيون، مطلب ته هر جاءِ تي بند دروازن جي پويان توڙي اڳيان ماڻهن تي تشدد ڪيو پيو وڃي. ٻهراڙين ۾، شهرن ۾ ميٽروپوليٽن علائقن ۾ به تشدد ٿئي ٿو، سماج جي سڀني طبقن، صنف، نسلي لڪير ۽ عمر وارن گروهن ۾ به تشدد آهي ۽ اهو هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين منتقل ٿيندو رهي ٿو، ذاتي فائدن لاءِ استحصال ڪرڻ جي خواهش معاشري ۾ اقتدار ۾ رهندڙ اعليٰ حيثيت رکندڙن جي نالي تي مظلومن سان ظلم به ڪيو وڃي ٿو. انهن کي روڪڻ جي ضرورت آهي، ڪا خاص طور تي پاڪستاني سماج ۾ گهريلو تشدد، انتهائي وڌيل آهي، سماج اندر سماجي ۽ معاشي ناانصافي، تعليم جي گهٽتائي، ڪرپشن ۽ بيروزگاري ان جا وڏا سبب آهن، جنهن ڪري معاشري ۾ عدم برداشت وڌي رهي آهي، سياسي ۽ مذهبي انتهاپسندي دنيا جي هر سماج ۾ آهي، خاص ڪري عقيدي نسل ۽ رنگ کانسواءِ انتهاپسند سرگرمين جي ڪري دنيا ۾ لکين ماڻهو زندگيون وڃائي ويٺا آهن، سڀ کان وڌيڪ جاني نقصان نائجيريا ، شام ، عراق ، افغانستان ۽ پاڪستان ۾ ٿيا آهن، ان ڪري اهڙن عملن کي روڪڻ لاءِ اسان ٻين کي معاف ڪرڻ ۽ هڪٻئي کي قبول ڪرڻ لاءِ آگاهي مهم هلائڻي پوندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو