ليکڪ: پيار علي چانڊيو
اسان جي سون جهڙي سنڌ جي ڌرتي اڄ جيڪي ڏينهن ڏسي رهي آهي انهن جو ڪنهن تصور به نه ڪيو هوندو ته امن واري ڌرتيءَ تي انسانيت جو ڪنڌ شرم سان جهڪائيندڙ واقعا هاڻ روز جو معمول بڻجي ويندا، ڪٿي عورت کي ڪاري قرار ڏئي ماريو ويندو ته ڪٿي باھه ڏئي ساڙيو ويندو ۽ ڪٿي وري خدا جي وجود جي گواهي ڏيندڙ معصوم نياڻين کي حوس جو شڪار بڻايو ويندو، هر روز سنڌي توڙي اردو اخبارن جي زينت بڻيل سنڌ ۾ ٿيندڙ اھڙا شرمناڪ واقعا هاڻ اسان جو ڪنڌ جهڪائي ڇڏين ٿا ۽ اهڙا واقعا اسان جي صوفي ۽ امن پرستي واري قوم مٿان هڪ سواليه نشان بڻيل آهن؟ هاڻ ته اهو ڏينهن خالي نه آهي، جنهن ڏينهن ڪنهن نياڻي جي عزت نه لٽي وئي هجي، ڪنهن عورت کي ڪاري ڪري نه ماريو ويو هجي، ٻه ڏينھن اڳ دادو ۾ به ھڪ اھڙو انسانيت کي لڄائيندڙ درندگي واقعو پيش آيو آھي، شهر جي ڇاڻو شاھه پاڙي ۾ ھڪ وحشي درندي حوس پوري ڪرڻ لاءِ ٽن سالن جي ابھم ٻارڙي کي بي رنگ ڪري سڄي انسانيت کي جنجھوڙي ڇڏيو آھي، اھڙي درندگي جي جيتري به مذمت ڪجي گھٽ آھي، معاشري ۾ حوس جا پوڄاري ڇتا ڪتا بڻجي ويا آهن، جيڪي روز معصوم نياڻين کي ڏاڙھيندا ۽ قوم جا روح زخمي ڪندا رهن ٿا، پر افسوس آهي ته اهڙن ڇتن ڪتن کي قابو ڪرڻ لاءِ ڪجهھ به نه ٿو ڪيو وڃي جنهن جو نتيجو وري اهو نڪري ٿو ته اهڙن واقعن ۾ گهٽتائي بدران واڌ ٿيندي پئي وڃي، معاشري ۾ انسان انسان هجڻ جون سڀ خوبيون وڃائي ويٺل نظر اچي رهيو آهي، انسان ڏينهون ڏينهن حيوانيت وارو روپ اختيار ڪندو پيو وڃي، انسان ته اشرف المخلوقات آھي پر ان مان انسانيت وارا اصول ڇڏائبا پيا وڃن، اهو ئي سبب آهي جو قصور جي زينب کان ويندي، شور ڪوٽ جي عائشا تائين، عائشا کان ويندي مبارڪپور جي مهرين ڀٽو تائين، مهرين ڀٽو کان ويندي روزينا تائين الائي ته ڪيتريون نينگريون وحشت جو شڪار ٿي ويون آهن، سنڌ سميت پوري ملڪ اندر نياڻين لاءِ هِيءَ ڌرتي هڪ خوفناڪ جهنگل بڻجي وئي آهي، جتي نياڻين جي عزت جو تقدس پائمال ٿيندو رهي ٿو ۽ سندن عزت غير محفوظ ٿي وئي آهي، جيڏانهن به نظر ڦيرائي ڏسجي ٿو ته نياڻين سان قهري ڪلور جاري آهن، خاص طور تي هن وقت سنڌ ۾ نياڻين سان ٿيندڙ ظلم انتها تي پهچي ويو آهي، هونئن ته ان ظلم جون ڪيئي صورتون آهن پر سڀ کان وڌيڪ اُها وحشت آهي، جنهن ۾ نياڻين ٿيندڙ زيادتي واري خوف سبب سنڌ جي هر نياڻي جي پيءُ ۽ ماءُ جو ساھه مٺ ۾ ڪري ڇڏيو آهي، اڳ نياڻيون روڊ رستن تي به محفوظ هيون ۽ هاڻي گهرن ۾ لٽجي رهيون آهن ، سنڌ ۾ نياڻين سان زيادتيءَ جا واقعا ڏينهون ڏينهن تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن، هڪ معصوم ٻار جيڪو پنهنجي پيءُ، ڀاءُ، چاچي يا مامي جي چيچ پڪڙي شيءِ وٺڻ لاءِ نڪري ويندو آهي، ان کي ڪهڙي خبر ته کيس شيءِ جي لالچ ڏيندڙ پيءُ، ڀاءُ، چاچي يا مامي جيڏو شخص اندر ۾ ڪيترو ڪميڻو آهي ۽ هو شفيق هجڻ بدران دجال جهڙو ظالم آهي، سنڌ اندر ڏٺو وڃي ته اهڙن واقعن جي پويان اڪثر ڪهاڻي اها ملي ٿي ته ٻارن سان ڏاڍائي ڪندڙ اهو وحشي شخص کين شيءِ جي لالچ ڏئي وٺي وڃي ٿو، ڇو ته معصوم ٻار لاءِ شيءِ ڪائنات جي ڪا انتهائي مٺي شيءِ آهي، پر سڀ کان وڌيڪ جنهن ڳالهه جو ڏک ٿئي ٿو اهو والدين جي غير ذميواري آهي، اسان سڀئي روز پنهنجي ڀرپاسي ۾ ڏسندا آهيون ته معصوم ٻارڙا پوءِ اهي نياڻيون هجن يا پٽڙا ائين ئي گهٽين ۾ پيا ڦرندا آهن، روڊن تي هلندا آهن ۽ مائٽ پنهنجي ٽن چئن سالن جي ٻارڙن کي ائين اڪيلو دڪانن تي موڪلي ڇڏيندا آهن، اڪثر ٻارڙا ته پيءُ جا سگريٽ وٺڻ لاءِ به دڪان تي هليا ويندا آهن، هڪ اهڙو دور جيڪو ٻارڙن لاءِ انتهائي خطرناڪ بڻيل هجي اتي نيٺ والدين ايڏي لاپرواهي ڪيئن ٿا ڪري سگهن، دادو جي افسانا بابت به اهي ئي خبرون آهن ته ساڻس ڏاڍائي ڪندڙ جوابدار گهٽي مان کيس شيءِ جو آسرو ڏئي گهر وٺي وڃي ظلم جي انتها ڪئي، هڪ ٽن سالن جي معصوم ٻارڙي کي گهٽيءَ ۾ اڪيلو نيٺ ڪنهن جي سهاري تي ڇڏيو ويو، آخر مائٽن وٽ ايترو وقت ڇو نه آهي جو اهي پنهنجي ٻارڙي سان گڏجي وڃي کيس شيءِ وٺي ڏين. اهي ٻارن کي ائين جانورن وانگر گهٽين ۾ ڇو ٿا موڪلي ڇڏين، ڪهڙي خبر ته جنهن دڪاندار وٽ اوهان ٻار کي ڇڏيو ٿا ان جي اندر ۾ ڇا آهي؟ ڪشمور ۾ ڏاڍائي جو نشانو بڻيل عليشا کان ويندي پيرڳوٺ جي مونيڪا ۽ دادو جي افسانا سان ڏاڍائي جا جوابدار گرفتار ٿي چڪا آهن، اها به چڱي ڳالهه چئبي ته قانون فوري طور تي حرڪت ۾ ايندي ڄاڻايل ٽنهي واقعن ۾ ملوث جوابدارن کي تڪڙو گرفتار ڪري ورتو آهي، يقينن اهي ڪيس عدالتن ۾ هلندا ۽ اتي سزا ۽ جزا پڻ ٿيندي پر انهن نياڻين جا وارث جن اذيتن مان گذريا ۽ گذري رهيا آهن، انهن کي سامهون رکندي هاڻ ٻيا مائٽ ڪو سبق حاصل ڪندا؟ ڊگهي ۽ مسلسل غلامي قومن اندر خطرناڪ قسم جا ذهني مرض به پکيڙيندي آهي، سنڌي قوم به يقينن هڪ ڊگهي ۽ مسلسل غلاميءَ جو شڪار آهي، سنڌ جيڪا سدا بهار روايتن جي امين هئي، اها هن وقت ڌاري آبادڪاري جي اثر هيٺ آهي، هتي قسمين قسمين ۽ ڀانت ڀانت جا ماڻهو اچي آباد ٿيا آهن ۽ انهن وٽان کوڙ ساريون سماجي بيماريون به منتقل ٿيون آهن، ان کانسواءِ معاشي ۽ سماجي ويڳاڻپ به ماڻهو اندر ڏوهاري لاڙا وڌائيندي آهي، بدقسمتي سان انهن سمورن مرضن جو علاج حڪمرانن کي ڪرڻو هوندو آهي، سماج جا سائنسدان ڪندا آهن، معيشتدان ڪندا آهن، پر اسان وٽ نه سياستدان آهي، نه سماج جو سائنسدان آهي ۽ نه معيشتدان آهي. سياستدان پنهنجي چڪرن ۾ ڦاٿل آهي، سماجي سائنس وارو شعبو اسان وٽان ختم ٿي ويو آهي ۽ معيشتدان اسان ڀاڙي تي گهرائيندا آهيون جيڪي هر حڪومت ۾ ويٺل ته هوندا آهن پر اهي مسواڙي هوندا آهن ۽ انهن جو ڪم رڳو پنهنجي مسواڙ هوندو آهي، اهڙي صورتحال ۾ جيئندڙ سماج ۾ سڀ کان وڌيڪ ذميواري اسان تي ئي لاڳو ٿئي ٿي، اسان سڀني کي پنهنجن ٻارڙن جو پاڻ محافظ ٿيڻو پوندو، سمورن والدين کي پنهنجن ٻارڙن تي خاص ڌيان ڏيڻو پوندو ۽ انهن کي اڪيلو ڇڏڻ بدران انهن جو دوست ۽ ڀرجهلو ٿيڻو پوندو، ٻي صورت ۾ ملڪ جي ڪنهن ڪنڊ، ڪنهن شهر، ڪنهن ڳوٺ مان اهڙي دانهن روز ايندي ۽ روز اسان جا ڪنڌ شرم کان جهڪيل هوندا، ان ڪري اچو ته پنهنجا ڪنڌ جهڪائڻ بدران پاڻ کي اهڙو اهل بڻايون جو اهي ئي ڪنڌ فخر کان اوچا ٿي وڃن.