ايڊيٽوريل
حڪومت پاران يوٽيلٽي اسٽورن تي اٽو، کنڊ ۽ گيهه مهانگو ڪرڻ جون تياريون شروع ٿي ويون آهن ۽ اهڙي سمري اقتصادي رابطا ڪاميٽي حوالي ڪئي وئي آهي، ميڊيا تي آيل رپورٽن مطابق مهانگائي جي ماريل عوام تي ٻيو وار به ڪرڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن ۽ هاڻ عام مارڪيٽ کانپوءِ يوٽيلٽي اسٽورن تي به کاڌي پيتي جون شيون مهانگيون ڪرڻ جون تياريون شروع ڪيون ويون آهن، کنڊ 7 رپيا في ڪلو مهانگي ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي جيڪا 68 مان وڌائي 75 رپيا في ڪلو ڪئي ويندي، جڏهن ته گيهه 45 رپيا في ڪلو ۽ اٽو 20 ڪلو ٿيلهي جي قيمت ۾ به اضافي جي تجويز ڏني وئي آهي ، گيهه 175 مان وڌائي 220 ڪرڻ جي تجويز آهي، جڏهن ته دالين ۽ چانورن جي قيمتن ۾ ردوبل نه ڪرڻ جي صلاح پڻ ڏني وئي آهي، ان حوالي سان صنعت ۽ پيداوار واري وزارت سمري تيار ڪري اقتصادي رابطا ڪاميٽي کي موڪلي ڇڏي آهي، منظوري بعد شين جي اگهن ۾ واڌ ڪئي ويندي. هوڏانهن اهي به رپورٽون آهن ته تازو حڪومت پاران آءِ ايم ايف سان ڪيل ٺاهه بعد ملڪ ۾ ٽئڪسن ۾ وڌيڪ واڌ جون تياريون به ڪيون ويون آهن ۽ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 300 ڀيرا وڌيڪ ٽئڪس هن سال ۾ جمع ڪيو ويندو، جنهن لاءِ اهي به امڪان ڏيکاريا پيا وڃن ته صدارتي آرڊيننس ذريعي ٽئڪس لاڳو ڪيو ويندو.
مطلب ته ملڪ ۾ هلندڙ سال به عوام کي ڪنهن به رليف ملڻ جو امڪان نه آهي ۽ اڃا ڪجهه ڏينهن ۾ مهانگائي جو هڪ نه پر الائي ڪيترا طوفان پائپ لائينن ۾ پيل آهن، جيڪي عوام مٿان قهر بڻجي ڪڙڪڻ وارا آهن، اڃا ته ايندڙ بجلي جو بل ئي ماڻهن جو دانهون ڪڍرائي ڇڏيندو، اسان اڳ به هتي لکيو هو ته آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدي جا شرط ظاهر ڪيا وڃن ۽ هاڻ اهي آهستي آهستي ظاهر ٿي رهيا آهن ۽ ملڪ جي ميڊيا چئنلن تي انهن جي پوندڙ اثرن بابت تبصرا شروع ٿي ويا آهن، هڪ طرف حڪومت عام ماڻهن کي رليف ڏيڻ جي ڳالهه ڪري رهي آهي ته ٻئي طرف عملي طور تي مهانگائي جا ڄار وڇايا پيا وڃن، ڏٺو وڃي ته شروع کان وٺي هن حڪومت جي قول ۽ فعل ۾ جيڪو تضاد آهي اهو حڪمرانن جي ساک کي ڏينهون ڏينهن ڇيهو رسائي رهيو آهي، اسان اڳ به لکيو هو ته آءِ ايم ايف جي چوڻ تي حڪومت غريب عوام لاءِ سبسڊيون ختم ڪري رهي آهي، جنهن جو سڌو سنئون بار عام ماڻهو تي پوي ٿو، هاڻ جيڪڏهن يوٽيلٽي اسٽورن تي به کنڊ، اٽو، گيهه ۽ ٻيون شيون مهانگيون ڪيون ويون ته پوءِ عام مارڪيٽ ۾ انهن جي اگهه تي اڃا وڌيڪ فرق پوندو، يوٽيلٽي اسٽورن تائين 10 سيڪڙو ماڻهن جي پهچ به نه آهي ۽ ان کان وڌيڪ ظلم اهو آهي ته يوٽيلٽي اسٽورن تي اٽي، کنڊ، گيهه ۽ ٻئي سامان جي نه صرف کوٽ رهي ٿي پر عملي جي غفلت ۽ لاپرواهي سبب يوٽيلٽي اسٽورن تان پڻ اڪثر سامان مارڪيٽن ۾ ئي وڪرو ڪيو وڃي ٿو جنهن جون ڪيترائي ڀيرا رپورٽون پڻ منظرعام تي اچي چڪيون آهن، اهڙي حالت ۾ جيڪڏهن حڪومت يوٽيلٽي اسٽورن تي شين جا اگهه وڌايا ته ان سان عام مارڪيٽ ۾ مهانگائي جو هڪ طوفان ايندو ۽ ملڪ جو 90 کان 95 سيڪڙو عام ماڻهو ان جو سڌو سنئون متاثر ٿيندو، ان ڪري حڪومت کي اهڙا فيصلا ڪرڻ کان اڳ عام ماڻهو لاءِ به سوچڻ گهرجي، ڇو ته بهرحال حڪومت انهن عام ماڻهن جي ئي ووٽن سان اقتدار ۾ آئي آهي.