ليکڪ: محمود جان بابر
تقريبن هڪ سال اڳ ڪي پي ڪي جي سينيئر وزير عاطف خان کي ٻه ٻين وزيرن شهرام خان ۽ شڪيل خان سان گڏ پارٽي خلاف سرگرمين جي الزام هيٺ صوبائي ڪابينا مان ڪڍيو ويو هو، انهن ٽن ماڻهن جي صوبائي ڪابينا مان نڪرڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي هر اڳواڻ جي زبان تي هڪ ئي ڳالهه هئي ۽ اها اها ته ٻه ڀاڳي ٽي کان وڌيڪ اڪثريت جي هوندي ٽن ماڻهن جي وڃڻ سان ڪهڙو فرق پوندو؟ پر ڪجهه ته سبب آهي جو سينيٽ چونڊون ويجهو ايندي ئي فارغ ڪيل عاطف خان کي صوبي جي گورنر ۽وزيراعليٰ جي برابري واري ڪرسي تي ويهاريو ويو آهي. نيٺ اهڙي ڪهڙي مجبوري اچي مٿان ڪري جو اقتدار تي ويٺل پي ٽي آءِ کي ٻه ڀاڱي ٽي کان وڌيڪ اڪثريت به هاڻ گهٽ لڳڻ لڳي آهي، 144 صوبائي ميمبرن واري ايوان ۾ 100 کان وڌيڪ سيٽون رکندڙ پي ٽي آءِ جي پوزيشن ظاهري طور تي ڪي پي ڪي ۾ هر لحاظ کان مضبوط نظر اچي رهي آهي ۽ مخالف ڌر جي پارٽين کي اتحاد جي صورت ۾ به ڪا راهه نظر نه پئي اچي، پر سوال پنهنجي جاءِ تي موجود آهي ته هڪ اڪيلي ايم پي اي عاطف خان کي وزيراعظم آڏو ڪرسي تي ويهارڻ لاءِ گورنر سنڌ عمران اسماعيل کي ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت نيٺ ڇو پئي؟ عمران اسماعيل کي سنڌ هائوس ۾ عاطف خان ۽ ڪي پي ڪي جي گورنر شاهه فرمان سان ڇو ملڻو پيو؟ ان جو مطلب ته اهو نڪري ٿو ته حڪومتي پارٽي ۾ معاملا ايترا به ڪنٽرول ۾ نه آهن، جيترا ظاهر ڪيا پيا وڃن. راضي ناما ۽ جرڳا صرف ايم پي ايز سان ڇو ٿي رهيا آهن، اهڙن کي بنيادن تي ته صوبي ۾ حڪومت جي ترجمان اجمل وزير کي به هٽايو ويو هو، ان سان ڳالهه ڇو نٿي ڪئي وڃي؟ ان جو هڪ سڌو مطلب اهو آهي ته ووٽ اهم آهي، پارٽي اندر اتفاق واري فضا پيدا ڪرڻ ڪا خاص اهميت نٿي رکي، پر سوال آهن جيڪي ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿا وٺن، سال اڳ صوبائي ڪابينا مان بيدخل ڪيل سينيئر صوبائي وزير عاطف خان جيڪو هن وقت تائين سڀ کان وڏو ڏوهاري ۽ ڊس ايڊوانٽيج طور سامهون آيو آهي، اهو اهو ته هو پاڻ عمران خان ۽ پارٽي جي قيادت جي نظر ۾ ڪنهن به موقعي تي ڪي پي ڪي جي وڏ وزارت لاءِ موذون اميدوار ٿي سگهي ٿو، ان جو ثبوت 2018ع جي چونڊن دوران مليو به، جڏهن عاطف خان کي وڏو وزير ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر ان ڪوشش جي ردعمل ۾ پارٽي اندران ئي اڳوڻي وزيراعليٰ پرويز خٽڪ ۽ ان جي گروپ طرفان سخت اعتراض آيا، ان اندروني جي جهيڙي جو نتيجو اهو نڪتو جو عمران خان ڌرين کي مطمئن ڪرڻ لاءِ ٽئين اميدوار محمود خان کي وزيراعليٰ بڻائي ڇڏيو.وڏ وزير جي منصب کان محروم ٿي صوبي ۾ سينيئر وزير بڻجڻ باوجود به عاطف جو اهو خواب دل ۽ دماغ مان نه نڪري سگهيو، ان دوران پارٽي اندر سينيئر اڳواڻن طرفان مستقبل ۾ عاطف خان جو رستو روڪڻ لاءِ ڪجهه بااثر پارٽي اڳواڻن جي مستقبل جي وڏي وزير طور تي تياري شروع ڪري ڇڏي جن ۾ سڀني کان مضبوط اميدوار صوبي جو موجوده خزاني ۽ صحت وارو وزير تيمور سليم جهڳڙا آهي. سينيٽ جي چونڊن لاءِ پارٽي اندر انتشار يا دٻاءَ کان پريشان پارٽي قيادت کي هن وقت هر ان شخص جي ضرورت محسوس ٿي رهي آهي جيڪو ڪنهن به موقعي تي ڪجهه به ڪري پارٽي کي ڏکيائي ۾ وجهي سگهي ٿو. ماضي ۾ سينيٽ جي چونڊن ۾ کٽي ڏيندڙ ۽ 20 کان وڌيڪ پنهنجي ايم پي ايز کي ووٽ وڪڻڻ جي الزام ۾ پارٽي مان ڪڍندڙ پرويز خٽڪ ان سموري منصوبابندي دوران پس منظر ۾ ڇو آهي؟ ماضي جي ان جي ڪارڪردگي کي پيش ڪري صوبي ۽ وفاق ۾ حڪومت ٺاهيندڙ عمران خان جي سينيٽ چونڊن جي منصوبابندي جي سيشنز ۾ اهو نظر ڇو نه پيو اچي ۽ سندس اهو بيان تازو ئي ميڊيا جي زينت بڻيو هو ته جيڪڏهن هو چاهي ته عمران خان جي حڪومت هڪ ڏينهن به نه هلي سگهندي، ان جي سياسي مخالف عاطف خان کي عمران خان تائين ايتري آساني سان پهچ ڪيئن نصيب ٿي؟ ڇو ائين لڳي رهيو آهي ته عاطف خان جي چوڻ تي سينيٽ جي هڪ اميدوار کان ٽڪيٽ واپس ورتي ويندي ۽ پرويز خٽڪ جو ئي نامزد ڪيل وڏو وزير محمود خان به ان موقعي تي موجود هوندو. سينيٽ جي ٽڪيٽ حاصل ڪندڙ فيصل سليم الرحمان جيڪو عاطف خان جو ماسات به آهي، جي ٽڪيٽ کان محرومي کي ڇو عاطف خان جي ڪاميابي سان ڀيٽيو پيو وڃي. 31 آڪٽوبر 2011ع تي لاهور جي جلسي کان پوءِ پارٽي ۾ جتي ٻئين ۽ ٽئين درجي جي قيادت وارا اڳواڻ شامل ٿي رهيا هئا اتي ڪي پي ڪي ۾ گذريل ڪافي عرصي کان مختلف حڪومنت جو حصو رهندڙ پرويز خٽڪ به پي ٽي آءِ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ عمران خان جو اعتماد حاصل ڪري پارٽي جو سيڪريٽري جنرل بڻجي ويو، ان کانپوءِ جڏهن 2013ع ۾ پارٽي کي ڪي پي ڪي ۾ حڪومت ٺاهڻ جو موقعو مليو ته وڏ وزارت جو تاج به پرويز خٽڪ جي مٿي تي رکيو ويو ۽ ان جي ڪارڪردگي جا حوالا ڏئي ڏئي عمران خان سڄي ملڪ مان ووٽ حاصل ڪيو پر انتهائي گهٽ ماڻهن کي ياد هوندو ته پرويز خٽڪ جي وڏ وزارت جي ڏينهن ۾ عمران خان کي به ڪجهه فيصلا مڃائڻ ۾ ڏکيائي پيش آئي. ڪجهه حال جا واقف اهو چون ٿا ته ان جي ڪري ئي وزيراعظم عمران خان کي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ شريف وڏا وزير لڳائڻا پيا جيئن مستقبل ۾ کيس پارٽي ڊسيپلين لاڳو ڪرائڻ ۾ ڏکيائي پيش نه اچي. پارٽي ۾ پرويز خٽڪ جا ناقد چون ٿا ته هو سڀ کان وڌيڪ تجربيڪار سياستدان آهن، جنهن جي ڪري جتي هڪ وقت ۾ پارٽي جي مخالفن جا منصوبا ڪامياب نه ٿيا، اتي هاڻ خود پارٽي اندر به ڪنهن نه ڪنهن ليول تي بيچيني جا ديرا آهن، جهانگير ترين به آئوٽ آهي، سندس پٽ کي به ٽڪيٽ نه ملي سگهي، اهڙي حالت ۾ ڪير آهي جيڪو وزيراعظم جي کاٻي ۽ ساڄي رهي کيس احساس ڏياري ته پارٽي سينيٽ چونڊن ۾ ضرور ٿيندي. شايد اهي ئي سبب آهن جو عمران خان کي ماڻهن کي ٻيهر ميڙڻو پئجي رهيو آهي ۽ هو ڪنهن به سياسي چوڪي کي خالي ڇڏڻ نٿو چاهي، وزيراعظم جي ڪجهه پريشانين ۾ پ پ ۽ مريم نواز طرفان سينيٽ چونڊن کانپوءِ بي اعتمادي واري تحريڪ آڻڻ جا بيان به ٻرندي تي تيل هارڻ جو ڪم ڪري رهيا آهن، تحريڪ انصاف جي رهيل کهيل دانش ان چئلينج کي حل ڪرڻ جي ڪوششن ۾ به مصروف آهي ته آخر اهو ڪير ٿي سگهي ٿو جن سان رابطن جي ڪري مخالف ڌر ايتري پراعتماد آهي ۽ ڪٿي سينيٽ ۾ ٽڪيٽن جي معاملي تي ناراض ٿيندڙ ۽ سائيڊ لائين ڪيل پنهنجا ماڻهو اپوزيشن جي انهن نعرن کي طاقت ڏيڻ جو سبب نه بڻجي وڃن. مسلم ليگ (ن) جي هڪ اڳواڻ جو اهو بيان به سنجيده ورتو پيو وڃي، جنهن ۾ هو چئي چڪو آهي ته نظر نه ايندڙ ڪجهه قوتون جيڪي عمران خان جي پٺڀرائي ڪري رهيون هيون اهي هاڻ سندن به ساٿ ڏئي سگهن ٿيون. ملڪ جي ريگيولر ميڊيا، ٽي وي اسڪرينون ۽ اخبارن کانسواءِ سوشل ميڊيا تي هر ٻئي پوسٽ پارٽي جي مختلف گروپن طرفان پنهنجي بندي کي سينيٽ جو ٽڪيٽ ڏيارڻ لاءِ آهن، ڳالهه واضح ٿي چڪي آهي ته عمران خان هن وقت اپوزيشن ۽ قوم کان وڌيڪ پنهنجن ماڻهن جي گهيري ۾ ڦاسي چڪو آهي، پارٽي جي هڪ همدرد ٻڌايو ته آئون پاڻ ان سان مليو آهيان، هو ايترو خوش ۽ پرجوش نه آهي، جيترو حڪومت ۾ اچڻ کان اڳ اپوزيشن وارن ڏينهن ۾ هو، اسان ڄاڻي چڪا آهيون ته هو پنهنجن بليڪ ميلنگ ۽ پريشر گروپن جي دٻاءَ جو شڪار آهي، هو چاهي ٿو ته سڀ سندس ڳالهه مڃي وٺن ۽ پارٽي وکري نه وڃي. هو دعويٰ ڪري ٿو ته خود وزيراعظم سينيٽ جي چونڊن ۾ ڪجهه ماڻهن کي ڪمزور معيار جي بنياد تي پارٽي جو اميدوار بڻائڻ تي ناراض آهي، ان سوال ته عمران خان بنا ڪنهن مداخلت جي پارٽي معاملا هلائڻ لاءِ خودمختيار آهي، جي جواب ۾ هو کلي چوي ٿو ته هاڻ ائين نه آهي. ڪيترائي ماڻهو وزيراعظم عمران خان سان گڏ ڪم ڪري رهيا آهن پر اهي ڪيترن ئي محاذن تي ورهايل آهن، ان جي آڏو پارٽي آهي، جيڪا هن وقت پريشر گروپن ۽ مخلص ورڪرن جي اميدن جي وچ ۾ ڦاٿي پئي آهي، هو گورننس کي بهتر ڪرڻ چاهي ٿو، جيڪا نه پئي ٿئي، جيڪڏهن هو صرف پارٽي تائين محدود رهي ۽ پارٽي صرف ڪي پي ڪي جي حد تائين ئي حڪومت ۾ هجي ته عمران خان صوبي ۾ پنهنجي گذريل حڪومت دوران حاصل ٿيندڙ تجربي جي ڪري انتهائي سٺي طريقي سان انتظام سنڀالي وٺي ها پر وفاق ۽ پنجاب ۾ گورننس جي اشوز کيس پريشان ڪري ڇڏيو آهي.