ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) سنڌ جي نامياري ڏاهي، اداڪار، ميزبان، شاعر ۽ ليکڪ عاشق عارباڻي کي سنڌ يونيورسٽيءَ جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي. عاشق عارباڻي جي جنازي نماز سنڌ يونيورسٽي سي اين جي وٽ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ مختلف يونيورسٽين جي عملدارن سوڌو سياسي سماجي اڳواڻن توڙي ڏات ڌڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سندس جنازي نماز ۾ مهراڻ يونيورسٽي جي اڳوڻي وي سي پروفيسر ڊاڪٽر احد ابڙو، مهراڻ يونيورسٽي جيڪب آباد ڪئمپس جي پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر فرمان علي شاهه، شهيد الله بخش سومرو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ڀائي خان شر، سنڌ يونيورسٽي جي رجسٽرار غلام محمد ڀٽو، ايڊيشنل رجسٽرار عبدالمجيد پنهور، عوامي جمهوري پارٽي اڳواڻ ابرار قاضي، شوڪت حسين شورو، پروفيسر علي مرتضيٰ ڌاريجو، سنڌ يونيورسٽي ٺٽو ڪئمپس جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر سرفراز سولنگي، اسٽيل مل جي چيف انجنيئر عبدالغني ڀٽو، پروفيسر اميد علي رند، ڊاڪٽر سعيد منگي، نادر جمالي، نعمت الله خلجي، شيخ عبدالله ڪوهستاني، عمران هاليپوٽو، پ پ اڳواڻ سهيل شورو، فيض محمد شاهه، رفيق بروهي، آل سنڌ يونيورسٽي ايمپلائيز فيڊريشن چيئرمين محمد علي گهانگهرو سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جڏهن ته عاشق عارباڻي جي مڙهه کي سنڌ يونيورسٽي جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي.
