ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عدالت پي ٽي ايم سربراهه منظور پشتين ۽ محسن ڌاوڙ جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽن مطابق ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت نفرت جوڳين تقريرن ۽ ملڪي بغاوت واري ڪيس ۾ فرار ٿيل جوابدار پي ٽي ايم سربراهه منظور پشتين ۽ محسن جاويد ڌاوڙ جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو. عدالت حڪم ڏنو ته جوابدارن جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي، جڏهن ته ڪيس جي ٻڌڻي 9 مارچ تائين ملتوي ڪئي وئي.
